گستاخ مواد ڪيس، پاڪستان ۾ ناروي جو آئين نه ٿو هلي سگھي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ايف آءِ اي جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇا ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اهو چاهي ٿو ته گستاخي وارو مواد جي بندش لاءِ عسڪري ادارن کان مدد گهري وڃي، جمعي تي سوشل ميڊيا تي گستاخ واري مواد جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت عزيز صديقي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کان پڇيو ته جوابدار کي پڪڙڻ جي حوالي سان هن وقت تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل مظهر ان کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي فيس بڪ جي جواب جي انتظار ۾ آهي، تڪرار ۽ گستاخي واري مواد وارا پيج هلائيندڙ 70 ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرڻ لاءِ وڪيل سان به مشورو ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ انٽرپول جي سائبر ونگ سان به رابطو ڪيو ويو آهي ۽ واشنگٽن ۾ هڪ آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي، جسٽس شوڪت عزيز ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر ڪهاڻي نه ٻڌائي ۽ ان حساس نوعيت جي معاملي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *