خيبر ايجنسي: شلمان ۾ ڄاڃين سان ڀريل گاڏي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، 5 ڄڻا فوت، 10زخمي

خيبر ايجنسي (ويب ڊيسڪ) خيبر ايجنسيءَ جي علائقي شلمان ۾ ڄاڃين سان ڀريل گاڏي اونهي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي 5 ڄاڃي فوت جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، شروعاتي اطلاعن موجب خيبر ايجنسيءَ جي ويجھي علائقي ۾ شلمان ۾ ڄاڃين سان ڀريل مني بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونهي کائيءَ ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، حادثي کان پوءِ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن لاشن ۽ زخمين کي ويجھي اسپتالن ڏانهن پهچايو، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، فوتين جي انگ وڌڻ جو کٽڪو ظاهر ڪيو پيو وڃي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *