آمريڪا، ريلوي لائين تي فوٽو شوٽ ڪندڙ ماڊل فوت

ٽيڪساس (شوبز نيوز) آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ هڪ نوجوان ماڊل ريلوي لائين تي تصوير ڪڍرائي رهي هئي ته اوچتو سامهون ايندڙ ٽرين سان ٽڪرائجي فوت ٿي وئي، 19 سالن جي فريزانيا ٿامسن ريلوي لائين تي فوٽو ڪڍرائي رهي هئي ته ان وقت هڪ ٽرين اچي وئي ۽ ان سان ٽڪرائجي فوت ٿي وئي. ريلوي لائين تي بيٺل ان جي آخري تصوير شوشل ميڊيا تي اچي وئي آهي، مقامي پوليس موجب فريزانيا حادثي جي وقت ڳورهاري هئي، هو هڪ ٽرين مان لهڻ کانپوءِ ڀر واري ريلوي لائين تي تصوير ڪڍرائي رهي هئي ته ٻئي پاسي کان هڪ ٽرين اچي وئي ۽ ان کي ڪلچي هلي وئي، سندس امڙ مقامي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اهو مرحومه جو پهريون فوٽو شوٽ هو ۽ هوءَ يقيني طور تي اهو پيشو  اختيار ڪرڻ چاهي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *