ڪچي کي جلد ڌاڙيلن کان پاڪ ڪيو ويندو، ڪجهه حساس سامان جي ضرورت آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان ملاقات ۾ چيو آهي ته ڪچي جي علائقي مان جلد ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته شيخ رشيد آپريشن ۾ وفاق طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي گهرو وزير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي، ان ۾ وفاق کان جيڪا مدد گهرجي ڪنداسين، رينجرز جي مدد گهرجي ته اها به ڪنداسين، ڌاڙيلن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيو، ڪا به ضرورت پئي ته گهرو وزارت سهڪار ڪندي. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪچي مان ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، ڪجهه اهم اوزار گهربل آهن، اهي سنڌ حڪومت خريدي رهي آهي ۽ خريداري ۾ وفاقي گهرو وزارت اسان جي مدد ڪري. سندس موجب ڪچي جي علائقي ۾ اي پي سيز خراب هجڻ سبب ڌاڙيل حملو ڪيو پر اسان ڪچي جو علائقو جلد ڌاڙيلن کان خالي ڪرائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *