ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي، ڊاڪٽر سميت وڌيڪ 75 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 540 ٿي ويو، وائرس جا 2 هزار 726 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مثبت ڪيسز جي شرح 4. 3 سيڪڙو رهي، هيل تائين متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 11 هزار 302 ٿي ويو ۽ ڪورونا جا 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن، اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 15 لک 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر زندگي جي جنگ هارائي ويو. ذريعن موجب ڪورونا ۾ ورتل ڪاسميٽڪ سرجن محمد احمد پمز ۾ ٻن هفتن کان وينٽي ليٽر تي هو، جيڪو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *