والاريل فلسطين ۾ تازي ڇڪتاڻ سبب ٻَريل باهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل فلسطين ۾ تازي ڇڪتاڻ سبب ٻَريل باهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي. اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته جنرل اسيمبلي اجلاس دوران سيز فائر جي خبر آئي، اسان اڃا پهريون مقصد حاصل ڪيو آهي پر هڪ قوم ۽ امت طور امن امان جي بحالي ڏانهن ڏسي رهيا آهيون. هن وولڪان بوزڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان توهان سان ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مان امن عمل جاري رکڻ جي اميد ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته تازي ڇڪتاڻ سبب ٻَريل باهه اڃان پوري طرح وسامي ناهي، ان باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي جو صدر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان باهه کي وسائڻ جو واحد حل ڳالهيون ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل جي ٺهرائن جي موجب ٻه رياستي حل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو مصر جي هم منصب سان رابطو ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ آئون هتي مصر جي قيادت جي تعميري ڪردار جو اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جون گذريل ڏينهن وزير اعظم عمران خان سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام به حق خوداراديت گهري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي وادي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، گڏيل قومن اسان واعدو ڪيو هو جيڪو وفا نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دوران هن چيو ته طاقت جو مرڪز تبديل ٿي رهيو آهي، اڄ عالمي برادري پاڪستان کي مسئلي جي حصي جي طور تي نه پر مسئلي جي حل جي طور تي ڏسي رهي آهي هي گذريل ڪجهه سالن ۾ ايندڙ ڊرامائي تبديلي آهي.  ٻئِ طرف  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪشمير کي به فلسطين جيترو پُراڻو مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪر چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن مسئلن جو حل گڏيل لائحه عمل جوڙڻ سان ئي ملندو، فلسطين مسئلي تي ڳالهين جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسرائيلي قبضو ختم ٿئي، ڳالهين سان ئي 2 خودمختيار رياستون قائم ٿي سگهن ٿيون، پڪ ڏياريان ٿو ته وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي تائين جنرل اسيمبلي آرام سان نه ويهندي، جنرل اسيمبلي جي صدر سان ملاقات ۽ ڪنوينشن کي خطاب دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڏهاڪن کان سلامتي ڪائونسل ۾ پيل آهي، ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ ۽ ڪشميرين جي خواهش پٽاندڙ حل ڪيو وڃي، جنرل اسيمبلي جي صدر کي ڪشمير مسئلي بابت آگاهي ڏني، ڀارت طرفان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪيو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *