ڪپتان سان ڪو اختلاف ناهي، مغرور ٿيڻ جو تاثر به غلط آهي: حسن علي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته منهنجو ڪپتان سرفراز احمد سان ڪو اختلاف ناهي. حسن علي چيو ته اها ڳالهه درست ناهي ته پاڪستان جي تازوئي ڪاميابين ۾ حصو وجھڻ بعد آئون مغرور ٿي ويو آهيان، آئون بااخلاق ۽ پنهنجي وِک زمين تي رکندڙ انسان آهيان. ان بابت خليجي اخبار کي انٽرويو ۾ حسن علي چيو ته ميڊيا ان واقعي کي وڌائي پيش ڪيو، اهو ميچ جي شدت جي ڪري ٿيو هو، آئون سرفراز جي گھڻي عزت ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجھندو آهيان، آئون اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجو ٽيم ۾ موجود ڪنهن به رانديگر سان اختلاف ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *