عمر گل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽن جي ڊبل سينچري ٺاهي ورتي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بالر عمر گل هنن ڏينهن ۾ پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي پي ايسا يل جي ايونٽ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف هن پنهنجي پهرين ميچ کيڏي ۽ ان ميچ ۾ عمر گل 24 رنسن عيوض 6 رانديگرن کي پويلين موڪليو.اها پي ايس ايل جي تاريخ جي ٻئين بهترين بالنگ آهي ان کان اڳ روي بوپارا 16 رنسن جي عيوض 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو.عمر گل کي ان شاندار ڪارڪردگي سبب مين آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته ان جي ٽيم اها ميچ هارائي وئي، ڪوئيٽا خلاف 6 وڪيٽون حاصل ڪري عمر گل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري ڪري وڌي.ان جي وڪيٽن جو تعداد 201 آهي، عمر گل ٻيون بالر آهي جنهن ٽي 20 ۾ تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪيون.عمر گل اهو ڪارنامو 147 ميچن ۾ انجام ڏنو، تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ سعيد اجمل وٽ آهي جنهن اهو ڪارنامو 139 ميچون کيڏي سرانجام ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *