آخر “وليد” جو قصور ڪهڙو آ؟: شفيق الرحمان شاڪر

شامي شهر “ غوطه” جي هڪ اسپتال ۾ ستن سالن جو معصوم گلن جهڙو ٻارڙو “الوليد “  زخمي حالت ۾ علاج لاء داخل آهي.هو ٻين سوين زخمين مان هڪ آهي.شام جي اٽڪل پنجاه اسپتالن ۾ داخل اهڙن ٻين هزارين ٻارن کي  اهو ناهي معلوم ته هنن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ۾ زخمي،مفلوج يا معذور بنايو ويو آهي.قيامت جي ويجھو هئڻ جي نشانين مان هڪ نشاني اها به ٻڌائي ويئي آهي ته “ قتل ٿيندڙ بيخبر هوندو ته هن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي ۽ قاتل کي خبر نه هوندي ته هو ٻين ماڻهن کي ڇو قتل ڪري رهيو آهي.”  اڄ افغانستان کان عراق تائين ۽ يمن کان شام تائين اها ئي حالت آهي جو جتي ڪٿي بي گناه  انسانن جي خون سان زمين لال بڻجي رهي آهي. آمريڪي هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر “ چوسو ڊوسڪي“ جي چوڻ مطابق اها آمريڪا ۽ روس جي غائباڻي جنگ آهي.آمريڪا جي ڪوشش آهي ته شام جي زرخيز زمينن ۽ قيمتي معدنيات تي قبضو ڪجي ته جيئن مستقبل ۾ سندس بگڙيل ٻار اسرائيل کي غذائي کوٽ جي مسئلي کان بچائي سگھجي ۽ شام جا قدرتي وسيلا آمريڪا جي استعمال ۾ اچي سگھن. جڏهن ته روس جا ٽي معاملا آهن،پهريون اهو ته ولادين مير پٽين آمريڪا کان افغانستان ۾ روس جي شڪست جو بدلو چڪائي رهيو آهي جهڙيء طرح آمريڪا ويتنام ۾ سندس شڪست جو بدلو افغانستان ۾ ورتو هو.روس جو ٻيو موقف اهو آهي ته هن جي فلسطينن سان پراڻي دوستي آهي ۽ هو اسرائيل جي فلسطينين خلاف جارحيت کي روڪڻ لاء شام ۾ موجود آهي.ٽيون معاملو وسيلن تي قبضي جو آهي.روس کي مستقبل ۾ عالمي منڊيء ۾ شام جي تيل ۽ گئس جي ايتري ئي ضرورت پوندي جيتري هن وقت آمريڪا کي آهي.

سوال اهو ته هن سڄي معاملي ۾ سعودي عرب ۽ ترڪي ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهن؟انهن جو مثال لومڙيء وارو آهي جو شينهن شڪار ڪري ٿو ۽ اها بچيل سچيل هڏين لاء اتي پهچي وڃي ٿي.ترڪي ڪردن ۽ سعودي عرب شيعن جي دشمنيء ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيئي رهيا آهن. ستن سالن جي زخمي ٻار الوليد کي اها ڄاڻ آهي ته هن جا ماء پيء  ۽ ٻه سڳا ڀائر حملن ۾ مري چڪا آهن۽ هن جي ڀيڻ زخمي حالت ۾ ساڳي ئي اسپتال ۾ سندس بستري ڀرسان درد وچان ڪنجھي رهي آهي.پر اولوليد اهو بلڪل نٿو ڄاڻي ته  ڪهڙن  ۽ ڪنهنجن مفادن جي لڙائيء ۾ هن ۽ هن جي ڪٽنب تي مصيبتن جا اهي جبل ڪريا آهن.هن کي اهو به معلوم ناهي ته سعودي عرب جي سربراهيء ۾ 39 مسلمان ملڪن گڏجي هڪڙو فوجي اتحاد ٺاهيو آهي جنهن جو هڪڙو مقصد آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏجي شام کي هر حال ۾ شڪست ڏيڻ ۽ تباه ڪرڻ آهي.الوليد کي اها خبر به ناهي ته وسيلن تي قبضي جي اها جنگ گذريل پنجاه سالن کان جاري آهي.شاه فيصل، ذوالفقار علي ڀٽو،جمال عبد الناصر،ڪرنل معمر قذافي،صدام حسين ۽ ٻيا به ڪيئي مسلمان اڳواڻ ۽ حڪمران آمريڪا سان مزاحمت جي ان جنگ ۾ پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ مرسيء جهڙا اڄ به جيلن ۾ سڙي رهيا آهن.وليد کي اهو پتو به ناهي ته شام تي حملي جون تياريون تل ابيب، واشنگٽن ۽ رياض ۾ 2009ع کان 2011ع تائين ڪيون وييون هيون.ٻن سالن جي ان ڊگھي منصوبا بنديء ۾ اهو جائزو به ورتو ويو هو ته جيڪر 50 يا 60 لک شامين کي ماري ۽ ڏيڍ ڪروڙ شامين کي زخمي يا معذور ڪري به جيڪر شام تي قبضو ڪري سگھجي ٿو ته اهو آمريڪا ۽ اسرائيل لاء ڪو نقصان جو سودو ناهي.امريڪي ليکڪ ۽ انٽيلجنس ماهر “ جارج فرائڊ مين” ان جنگ کي ٽين عالمي جنگ جو نالو ڏنو آهي.ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد ۽ اردن جي موجوده بادشاه عبداﷲ ثاني پنهنجن تقريرن ۾ ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته عالمي طاقتون ڄاڻي واڻي مسلمان ملڪن ۾ رتوڇاڻ ۽ تشدد جو اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گھرن ٿيون جو اتان جي نوجوانن ۾ انتقام جي باه ڀڙڪي جنهن جي نتيجي ۾ اتي تشدد ۽ انتهاپسنديء جا جذبا وڌن ته جيئن سڀاڻي مسلمانن تي دهشتگرديء جو ٺپو لڳائي انهن ملڪن خلاف فوجي ڪاروائين ۽ هوائي حملن جو جواز پيدا ڪري سگھجي.اهڙيء طرح اهڙن ملڪن ۾ فساد،خلفشار،انتشار ۽ انارڪي پيدا ڪري عالمي طاقتون اتي هميشه لاء مداخلت ڪري ويهڻ ۽ سندن وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ناپاڪ راند رچائي رهيون آهن.انهيء راند ۾  پوري عالم جو امن تباه ٿئي،لکين بي گناه انسان بارود جي ڍيرن هيٺان دٻجي وڃن،هزارين  معصوم ٻارڙ ا عمر لاء اپاهج بڻجي وڃن يا سڄي دنيا دوزخ جو نمونو بڻجي وڃي.انهيء قبضا خور عالمي مافيا لاء مڙئي خير آهي.اهو هڪڙو وليد ناهي جيڪو پنهن جي ننڍپڻ جون صرف ست بهارون ڏسڻ کان پوء حالتن جي خزائن ۾ پنهن جي ماء جي هنج ۽ پيء جي پيار کان محروم ٿي، ڀڄي،ڀري،ٽٽي ۽ وکري ويوپر اهڙا سوين وليد دنيا جي انهن نام نهاد چوڌرين،امن جي دعويدارن ۽ انصاف جي ديوتائن کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته “ڇا اسان جو ڏوه صرف اهو آهي جو اسان شام جي ڌرتيء تي جنم ورتو!”

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *