ڪُتي جي وئڪسين نه ملڻ ڪري نينگر مير حسن جي فوت ٿيڻ واري واقعو: سنڌ حڪومت والدين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني ڪُتي جي وئڪسين نه ملڻ ڪري نينگر مير حسن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ذميوار والدين کي قرار ڏئي ڇڏيو. ڪمشنر لاڙڪاڻو جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي صوبائي وزير چيو آهي ته والدين 40 ڏينهن اڳ وئڪسين ڏيارين ها ته نينگر جي حياتي بچائي پئي سگهي. صوبائي وزير سعيد غني بيان جاري ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو ۾ ڪُتي ڏاڙهڻ واري وئڪسين نه هجڻ ڪري نينگر جي تڙپي فوت ٿيڻ واري واقعي جي رپورٽ ملي وئي آهي، ڪمشنر لاڙڪاڻو طرفان رپورٽ سنڌ حڪومت ڏانهن اُماڻي وئي، نينگر مير حسن کي عيد الاضحيٰ کان 2 ڏينهن اڳ ڪُتي ڏاڙهيو هو، پر والدين ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ نه ويا هئا. سعيد غني چيو ته ٻارڙي کي 17 سيپٽمبر يعني گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آندو ويو، جنهن وقت ٻار کي آندو ويو، اُن وقت شديد انفيڪشن هجڻ ڪري ڪُتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪسين نه پئي لڳائي سگهجي. ٻارڙي جي والدين ڪراچي نيئڻ جي ضد ڪئي، پر ڊاڪٽرز مشورو ڏنو ته هن حالت ۾ کيس ڪراچي نٿو کڻي وڃي سگهجي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته والدين جي ضد تي نينگر کي ايمبولينس ذريعي ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي تي ئي فوت ٿي ويو. ٻارڙي کي جيڪڏهن 40 ڏينهن اڳ وئڪسين ڏياري وڃي ها ته سندس حياتي بچائي سگهجي ها. واضح رهي ته صوبائي وزير سعيد غني اهو نه ٻڌايو آهي ته رپورٽ ۾ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو جي اسپتالن ۾ وئڪسين موجود هئي يا نه؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *