ڏوڪري لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، هڪ فوت، 3 زخمي

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري  ڀرسان سوهو پئٽرول پمپ باء پاس وٽان ٻن موٽر سائينڪلن ۾ ٽڪر، 1 ڄڻو پورهيت معشوق ڪوري فوت شاگرد سميت 3 ڄڻا سخت زخمي،زخمي اسپتال داخل تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان باء پاس سوهو پئٽرول پمپ تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ شاگرد عبدالرحمان ڪنڀر، عبيد الله ڪنڀر، سمير ڪوري، معشوق ڪوري سخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال علاج لاء منتقل ڪيو ويو هيو جڏھن ته شاگرد عبدالرحمان ڪنڀر ۽ معشوق ڪوري جي نازڪ حالت هجڻ سبب لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو هيو.جڏهن ته عبيد الله ڪنڀر ۽ سمير ڪوري کي ڏوڪري اسپتال داخل ڪيو ويو هيو،جڏھن ته ڳوٺ ملان ساريو جو رهواسي معشوق ڪوري شديد زخمي هجڻ سبب زخمين جا سور نه سهندي هو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.جڏھن ته فوتي معشوق ڪوري جو لاش موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ملان ساريو پهچايو ويو جتي گهر ۾ وارث عورتون لاش کي چنبڙي ويون ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *