خورشيد شاهه جي گرفتاري جي مذمت، ڇا هو ملڪ کان ڀڄي رهيو هو جو ايئن ڪرڻو پيو: مراد علي شاهه

ڪراچي (18 سيپٽمبر 2019): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر خورشيد شاهه کي نيب هٿان گرفتار ڪرڻ تي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خورشيد شاهه جي گرفتاري درست نه آهي، ڇا هو ملڪ کان ڀڄي رهيو هو جو ايئن ڪرڻو پيو، خورشيد شاهه نيب جي جانچ دوران هر ممڪن تعاون ڪري رهيو هو پر حڪومت خورشيد شاهه کي گرفتار ڪري تمام گهڻو غلط قدم کنيو آهي اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪشمير جي معاملي تي قومي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي خورشيد شاهه کي گرفتار ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *