ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي، عورتن ۽ ٻارن سوڌو10 ڄڻا فوت

ٺٽو (م.ڊ) ڪينجهر تي پڪنڪ لاءِ ويل ڪراچي واسين سان حادثو پيش آيو آهي، ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو10 ڄڻا فوت ٿي ويا، انتظاميا ۽ نجي ٽوٻن گڏيل ڪارروائي ڪندي 10 لاش ڪڍي ورتا، 5 ڄڻن کي زنده بچايو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس چيو آهي ته ٻيڙي ۾ 12 کان وڌيڪ سوار هئا، ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار بڻيل ڪٽنب جو تعلق ڪراچي سان آهي جيڪي پڪنڪ تي ڪينجهر ڍنڍ پهتل هئا، جڏهن ته واقعي بابت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺي ڇڏيو، انتظاميه کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، واقعي بابت انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 13 ڄڻا سوار هئا، جن مان عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 ڄڻن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، ٻيڙي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا سوار هئا، ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *