سنڌ جو ورهاڱو پاڪستان جي ورهاست آهي، ڪراچي وفاق حوالي نه ڪنداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته وفاق ڪراچي کي اپنائي پر هتي سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪئي هلي رهي آهي، سڀ ٻڌي وٺو سنڌ صوبو نه پر ماءُ آهي جنهن کي ڪنهن به قيمت تي الڳ نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ گند ڀريل آهي ته ان کي ڪڍي ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪرونا کان نجات حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي، ٻين صوبن ڪرونا جي معاملي تي اسان جي پيروي ڪئي. صورتحال بھتر آھي پر ڪرونا اڃا ختم نه ٿيو آھي. ڪجهه ماڻهو آئين لتاڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪي سندن خواب ئي رهجي ويندو. صوبي جي ورهاست بابت وڏي وزير چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي جنهن کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اهي ماڻهو سنڌ جا نه پر پاڪستان جا دشمن آهن. ڪجهه ماڻهو آئين خلاف ڳالهائي رهيا آهن آئين ۾ 4 صوبا آهن جن جا اختيار واضح آهن. ڪراچي سڄي ملڪ کي هلائيندو آهي جنهن جي سڀني کي  خبر  آهي. جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهھ ڪن ٿا اهي پاڪستان جا دشمن آھن. هن چيو ته مان اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي جيڪڏهن ڪو ماءُ کي ٽڪڙا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو ته اسان آڏو هونداسين. ڪجهه ماڻهو اسيمبلي ۾ ويٺا رهيا آئون انهن کي سنڌ جو نه پر پاڪستان جو دشمن سڏيندس . ڪنهن جي به ذهن ۾ اهو فطور آهي ته ان کي ڪڍي ڇڏي، اهڙين ڳالهيون سان سنڌ جي ماڻهن کي ڏک ٿيندو آهي. اهي ڳالهيون پهرون ڀيرو نه پيون ٿين، انهن کي جڏهن به مرضي هوندي آهي حالت بدلائڻ جي ڪن ٿا. سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلي جي ايگزيڪٽو پاور ڪنهن سان به شيئر نه ٿيندي، ڪنهن کي به اختيار سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاق سان ڪوبه معاهدو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڪا ڪميٽي جوڙي وئي آهي رڳو ڳالهيون ئي آهن . سياسي پارٽين لاءِ ڪميٽيون سياسي مقصد لاءِ قائم ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشمير سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان جو ڌيان هٽائڻ جي هي ڪوشش آهي.  ڪراچي سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ آهي، ڪراچي سڄي پاڪستان کي هلائي ٿو، ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ ڳالهيون شروع ٿيون، ڪراچي جي صورتحال خراب ٿي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ برسات پئي، اتي ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿيون. اسان وٽ مسئلا آهن انهيءَ تي ڪوبه ٻه رايو ناهي، اهي ڳالهيون سپريم ڪورٽ تائين پهتيون. هن چيو ته وفاق ۾ ڪجهه ماڻهو سنجيده ناهن، سوچي سمجهي نٿا ڳالهائين، هاڻي وفاق پاڻ اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. اين ڊي ايم اي، وفاق جي اجازت کان سواءِ ڪم نٿو ڪري سگھي. سنڌ حڪومت جو موقف آهي آئين موجب ڪم ڪيو وڃي. تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪجهه نه ڪيو. مڃان ٿو ته ڪجهه ڪم نه  ٿي سگهيا ڇا ٿو چئي سگهجي وفاق کان پئسا نه مليا آهن. وفاق ٻن سالن کان 245 بلين رپيا نه ڏنا آهن. اسان ڪراچي ۾ اين ڊي ايم اي کي ڪڏهن به ڪم ڪرڻ کان نه جهليو آهي. مسئلن جي ڪري 26 جولاءِ تائين نالن جي صفائي مڪمل نه ٿي سگهي آهي. ورلڊ بينڪ منصوبي تحت نالن جي صفائي ڪئي وئي. برسات ڪراچي جي صورتحال کي خراب ڪيو. اين ڊي ايم اي چيو ته وزيراعظم اسان کي موڪليو آهي. ڪراچي جي ميئر سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نالن جي صفائي ڪريو. سنڌ حڪومت نالن جي صفائي ڪري رهي هئي. اهو نه چئي رهيو آهيان ته نالن کي مڪمل طور تي صاف ڪيو ويو. چيف جسٽس پڻ اين ڊي ايم اي کي صفائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسان چاهيون ٿا ته وفاق ڪراچي کي اپنائي. اين ڊي ايم اي هڪ وفاقي ادارو آهي. ايگزيڪيوٽو رول حڪومتن جو ڪم آهي اسان چيو ته اسان وفاق سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پهرين تي مونکي سڏايو به نه ويندو هو، پوءِ پاڻ ئي ميز تي ويهي رهيا. اين ڊي ايم اي جو چيئرمين جنرل آهي. هوءَ اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا اسان سان ملي ويو آهي. وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون ته معاهدو ٿي چڪو آهي. اسان جو موقف آهي ته اسان آئين ۽ قانون مطابق عمل ڪنداسين. ڪجهه ماڻهو نٿا سمجهن ،  اهي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي آئين ۾ نه آهن. مستقبل ۾ وڌيڪ اجلاس به ٿيندا.نه ڪو معاهدو ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ٿي آهي. اڃا تائين ڪا ڪميٽي نه ٺاهي وئي آهي.  سياسي پارٽين جي ڪميٽي سياست لاءِ ٺهنديون آهن. جيڪڏهن ڪابه ڌر اسان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ته اسان ڪڏهن به دروازا بند نه ڪيا آهن. ڪوبه مون سان سؤ ڀيرا اچي شهر ۽ صوبي جي مسئلن لاءِ ملي سگهي ٿو. ڪنهن کي به منع نه ڪيو آهي.  آئون واضح ڪندو هلان ته مان پارٽي جي پاليسي تي عمل ڪندس. پارٽي جي پاليسي آئين تي ٻڌل هوندي. اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڪراچي ۾ مينهن وسيو آهي. 1954 ۾ گاڏ کڏي ۾ ڪرڻ واري تصوير به ڏٺي هوندي. اسان 2008 کانپوءِ جي ڳالهه ڪريون پيا. انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ڪجهه نه ڪيو. جڏهن اسان کي چيو ويو ته 245 ارب ڏنا ويندا ته ڇونه نه ڏنا ويا. ايف بي آر جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان مدد ورتي وئي. پهرين ايف بي آر کي سڌاريو. سڀئي صوبا توهان جي ناڪامي کان متاثر آهن. جيڪڏهن مون کي 245 ارب رپيا نه ملندا ته مون جيڪي پنهنجا منصوبا جوڙيا آهن انهن کي ڪٿي پورو ڪندس. جڏهن 2007 ۾ برسات پئي ته 200 ماڻهو کاڄ بڻيا . اسين پڻ ساڳئي شهر جا رهواسي آهيون اسان به سڀ ڪجهه ڏٺو هو، 2009 جي صورتحال به سڀني آڏو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پريس ڪانفرنس ۾ 2007 ۽ 2009 جون تصويرون پڻ ڏيکاريون. جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت جي واڳ سنڀالي. 2020 ۾ 150 ملي ميٽر مينهن پيو. جتي به مينهن وگهي ماڻهو متاثر ٿيا انهن جڳهن تي ويندس. گذريل 11 سالن ۾ جيڪو اسان ڪم ڪيو آهي انهيءَ سان گهڻو ڪم بهتر ٿي چڪو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو ته هتي تجاوزات آهن. اسان اهو نه ڪيو آهي. انهيءَ جو سڄو ملبو اسان تي ٿوپيو ويو. انهن کي شهر بابت ڄاڻ نه آهي. جنهن به شهر جو اهو حال ڪيو آهي آئون تفصيل نه نه ويندس. اهو سڀ مون نه ڪيو آهي. اسان جٿي به ڪم ڪيو اتي پاڻ جمع نه ٿيو. شاهراه فيصل کي چئن ڪلاڪن اندر ڪليئر ڪيو ويو. ٽريفڪ بلڪل به بند نه ٿيو. اسان جيڪي اندر پاس ٺاهيا انهن ۾ پاڻي جمع نه ٿيو. مسئلا ان وقت به هئا، ناظم آباد ۾جيڪا ڪنسٽرڪشن ٿي. ڊي ايم سي سينٽرل جا خط موجود آهن. جهانگير پارڪ جي صورتحال اوهان سڀني پهرين ڏٺي هوندي.  اسان شاهراهه فيصل کي ٽن کان چار لائين ڪيو. شهيد ملت جا اندر پاسز ڏٺا هوندا. انڊر پاس ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه هو. اسان 38 منصوبا ڪيا آهن. ڪجهه اڃا مڪمل ٿيڻ وارا آهن. ڪوشش ڪنداسين ته ايئرپورٽ کان قائد آباد تائين رستو بهتر بڻايون. سعيد غني، ناصر حسين شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب شهر جا دورا ڪيا. انهن ٻڌايو ته شهر ۾ پاڻي فوري طور تي ختم ڪيو ويو. اسان ايف ٽي سي کان اسٽار گيٽ تائين چار لائين رستو ڪيو. شاهراهه فيصل جي انڊر پاس ۾ پاڻي جمع نه ٿيو. مراد علي شاهه چيو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڪراچي ۾ بارش ٿي. نالن جي صفائي وڏي پيچيده آهي، گندگي کي ٺڪاڻو لڳائڻ وڏو مسئلو آهي. مسئلن جو بنيادي سبب نالن جي ڀرپاسي ۾ حددخليون آهن اسان مسئلن جي حل لاءِ هر ڪنهن جي سهڪار جي واکاڻ ڪريون ٿا.  برسات جي ڪري ڪراچي جي صورتحال خراب ٿي. وفاق جي نااهلي جي ڪري سڀني صوبن کي تڪليف ٿي. ماضي جو سڄو ملبو پيپلزپارٽي تي وڌو پيو وڃي. چوندا هئا ته گڏ نه ويهنداسين، هاڻي اتاولا پيا ٿين. ڪراچي 1977 ۾ 260 ملي ميٽر برسات پئي. 2009 ۾ 24 ڪلاڪن اندر 125 ملي ميٽر برسات پئي. تنقيد ڪئي وئي ته سنڌ سرڪار ڪجهه نه ڪيو. آرڊيننس تحت اڃا تائين ڪا ڪميٽي ناهي ٺاهي وئي. نارٿ ناظم آباد کي ڪمرشلائيز ڪيو ويو، ڪنهن ڪيو آئون ان جي تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان. آئون ثابت ڪري سگهان ٿو ته شاهراه فيصل 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ بند نه رهيو. ڪراچي جي مسئلن بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته انڊر پاسز ۾ پاڻي جمع نه هو انهن کي صاف ڪيو ويو.  27 جولاءِ تي برسات ۾ پاڻ نڪتو هوس. سڄي ڪابينا روڊن تي هئي. لياري هڪ پٺتي پيل علائقو آهي جتي مکيه روڊ تي پاڻي جمع نه ٿيو ، ننڍين گهٽين ۾ پاڻي هوندو. وفاق جو ڪم به اسان ڪيو آهي، ماڻهن جو احساس آهي. ملير ۾ عوامي جڳهيون پڻ تعمير ڪري رهيا آهيون. اسان 22 وڌيڪ عوامي جڳھيون ٺاھينداسين. اسان کي 40 ارب رپيا خرچ ڪرڻو پوندا. ممبئي 80 ارب روپين جي پراپرٽي ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي. اسان ٻه ارب رپيا به گڏ نٿا ڪري سگهون. اسان شهر ۾ ڇهه سوئس پروجيڪٽ تعمير ڪنداسين. ٽي سنڌ حڪومتون پاڻ ٺاهيندي اسان سوچيون نه پيا پر منصوبا ٺاهيون پيا.  ماڻھو اسان جو ڪم کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھن. 65 ايم ڊي جي ڊگهي عرصي کان جاري آهي جنهن کي پڻ پورو ڪنداسين. اسان 128 ارب ڊالر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وفاق سان گڏجي ڪي فور رٿا تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.  230 ملين هر سال ڏيون ٿا. اسان استادن جي سکيا بابت پڻ ڪم ڪري رھيا آھيون. ملير ايڪسپريس وي کي ٻن کان ٽن سالن اندر مڪمل ڪرايو ويندو. منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ وقت لڳندا آهن.  پاڻي جي فراهمي ۾ حب جو حصو آهي. ڪراچي ۾ به منصوبا آهن. سڄي دنيا اندر جتي به اهڙي برسات پوي ٿي اتي مسئلا ٿيندا آهن. اسان ڪراچي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. ماڻھن کي ٻڌايو پيو وڃي ته اسان ڪجھه به نه ڪري رھيا آھيون جنهن کي غلط نموني پيش ڪيو پيو وڃي، اسان وٽ مسئلا آهن.  اسان ورلڊ بينڪ سان پاڻ نه پر وفاق ذريعي ڳالهايون ٿا. اسان گڏجي ڪم ڪرڻ کي ڀليڪار ڪيون ٿا. جيڪڏهن وزيراعظم 3 ڀيرا مون کي سڏائي ٿو ته صوبي خاطر ويندس.  ڪڏهن به نه چيو ته نه ملندس. انهن کي خبر ناهي ته ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ نه ئي وري اسان کي ڪرڻ ڏيندا. آئون ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ ناهيان. صوبي جو ناڻو استعمال ڪريون ٿا پر اسان سان ملڻ لاءِ تيار ناهن. صوبي جي خاطر  آئون ڪنهن سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اسان اسيمبلي کي جواب ده آهيون.  جيڪڏهن ڪو ماڻهو روڊن تي ويٺو چوي ته انهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي، اها کيس گهٽ عقلي جي ڳالهه آهي. کنڊ هڪ سو پنج رپيا ڪلو ٿي وئي آهي.  ڪيترائي ڪميشن ٺهيا جڏهن ڪميشن ٺهي ته کنڊ 55 روپيا هئي ۽ هاڻي هڪ سئو پنج رپيا آهي. اسان کي چيو وڃي ٿو ته اٽو ريليز ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو ته ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي. هر صورت ۾ چون ٿا ته سنڌ حڪومت جي غلطي آهي. پنهنجو ڪم نٿا ڪري سگهن ته اسان تي الزام لڳائين ٿا. اهي ڳالهيون ڪري صوبي جي ماڻهن کي رنجايو ويندو آهي. سنڌي صوبي جي ماڻهن جو خيال رکيو وڃي. جيترو به سنڌ حڪومت کي بدنام ڪرڻ چاهيو ٿا ڪريو پر جيڪي هي ڳالهريون ڪريو پيا اهي نه ڪيون وڃن.  صوبي ۽ وفاق وچ ۾ لاڳاپن تي هن چيو ته سياست ۾ دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيندا آهن. متحدہ قومي موومينٽ جو پنهنجو ووٽ بينڪ آهي ۽ پي ٽي آءِ جو پنهنجو ووٽ بينڪ آهي. اسان حڪومت سان ڳالهائي رهيا آهيون. شايد حڪومتي سطح تي ڪا ڪميٽي جڙي. ڪابه ايڊمنسٽريٽر يا اپروول نه آهي. وفاق جي مرضي آهي ته ڪنهن کي به ميمبر بڻائي، اسان جي مرضي آهي ته اسان ڪنهن کي به ميمبر بڻايون. ضلع مرڪز لاءِ اسان ڪنسٽرڪشن ٺاهيون پيا. سڄو سنڌ اسان جو آهي. اسان سڄي سنڌ تي به بريفنگ ڏينداسين. ملاقاتون ٿيڻ خوش آئند آهي. ڳجهه ۾ ڪابه ڳالهه نه ٿي آهي. ايڊمنسٽريٽر صوبائي حڪومت جو اختيار آهي. صلاح ڪنهن به ٿي سگهي ٿي. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر تي پاڻ ۾ ڪجهه نالن تي غور ويچار ٿيو آهي. هن چيو ته مون تي ڪنهن جو به دٻاءُ نه آهي. سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ آهي صوبي جي عوام منهنجي طاقت آهي، مون سان ڪڏهن به ڪنهن آرٽيڪل تي ڳالهه نه ٿي آهي. آئون دٻاءُ وٺڻ وارو شخص نه آهيان. مراد عيل شاهه آڏو آئين بابت ڪوبه حجت نٿو ڪري سگهي. اٽارني جنرل سان ڳالهيون ٿيون آهن پر ان مسئلي تي ڳالهه نه ٿي آهي. اسان چاهيون ٿا ته جلد بلدياتي چونڊيون ٿي وڃن. 22 آگسٽ 2016 تقرير ٿي هئي. وڏو بحران هئڻ باوجود به اسان اليڪشن ڪرايا هئا. سنسز اڃان تائين اپروو نه ٿيو آهي. اسان قانون کي سڌارڻ تي اڳواٽ ئي ڪم ڪري رهيا آهيون. هر شيءِ ۾ بهتري جي گنجائش هوندي آهي ان لاءِ ڪٿان به تجويزون اينديون اسان ان تي غور ڪنداسين. هن وقت جيڪو ملڪ ۾ شديد بحران آهي، ڪشمير ۾ ڀارت ظلم ڪري رهيو آهي. گذريل ٽي ڏينهن لڳاتار ڪراچي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جنهن جي دماغ ۾ فطور آهي ته اهو ڪڍي ڇڏي ته سنڌ جا آئيني اختيار ڪنهن سان به شيئر نه ڪيا ويندا. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته آئين موجب ڪم ڪيو ويندو. جنهن جي به ذهن ۾ گند آهي ته ان کي ڪڍي ڇڏي چاهيون ٿا ته بلدياتي چونڊيون جلد ٿي وڃن. گهر ويٺي قانون ٺاهي اسيمبلي کان پاس نٿو ڪرائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪنهن کي جواب ده آهي ته اهو سنڌ جي ماڻهن کي آهي. ايندڙ چونڊن ۾ به اسان عوام ۾ هونداسين. اسان پهرين کان وڌيڪ سيٽون کنيون آهن. ماڻهن کي ياد نه رهندو آهي انهيءَ ڪري هيءَ ڏيکاريو آهي. اينڪر ڪير آهي آئون نٿو سڃاڻان . سختي سان ترديد ڪريان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن اداري کي ملائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته آئون سختي سان ترديد ڪريان ٿو. سپريم ڪورٽ گهڻيون ئي هدايتون ڏنيون آهن انهن کي قانوني شڪل به ڏيڻي آهي. سي سي آئي جي ميٽنگ ۾ پڻ ڳالهيون ٿيون هيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *