ايم ايل ون رٿا سي پيڪ جو سڀ کان اهم منصوبو آهي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايم ايل ون رٿا تي عمل سان هنرمندن ۽ تربيتي يافته ماڻهن لا3 نوڪرين لاءِ هزارين موقعا پيدا ٿيندا ترقياتي منصوبن جي ترجيحن جي تعين ۾ اسان جي نظر ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ ملڪ جي ترقي آهي ايل ايم ون منصوبي سان سماجي ۽ معاشي ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو سومر تي وزيراعظم عمران خان جي صداررت هيٺ ايم ايل ون رٿا جي حوالي سان بريفنگ ٿي جنهن ۾ شيخ رشيد احمد، اسد عمر، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا وزيراعظم کي ايم ايل ون رٿا پراجيڪٽ تي عمل جي حوالي سان مقرر ڪيل ٽائيم لائينز هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ رٿا جي ثمرن تي تفصيلي ڄاڻ ڏني ويئي وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايم ايل ون رٿا سي پيڪ جو سڀ کان اهم منصوبو آهي هن چيو ته ايم ايل ون رٿا سان نه رڳو ريلوي جو نظام جديد ۽ مضبوط ٿيندو پر هن رٿا تي عمل سان هنرمندن ۽ تربيتيافته ماڻهن لاءِ نوڪرين جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا ۽ صنعتي عمل کي هٿي ملندي وزيراعطم چيو ته ايم ايل ون رٿا سان عوام جو سفر ۽ مال ڊوئڻ جي بهتر سهولت مهيا ٿيندي هن چيو ته ايم ايل ون رٿا سان ڪاروباري برادري لا3 جتي ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ٿينديون اتي ڪاروباري لاڳت به گهٽجي ويندي هن چيو ته ايم ايل ون رٿا سان سماجي ۽ معاشي ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو ترقياتي رٿائن جي ترجيحن جي تعين ۾ اسان جي نظر ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ ملڪ جي ترقي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *