طلاق جي دعويٰ فاطمه سهيل جي بيمار ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي: محسن عباس

 

لاهور(شوبز نيوز) فيملي ڪورٽ لاهور طلاق جي درخواست تي فاطمه سهيل ۽ اداڪار محسن عباس کي مصالحت جي لاءِ 26 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.فيملي عدالت جي جج بابر نديم اداڪار محسن عباس جي گهر واري فاطمه سهيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اداڪار محسن عباس فاطمه سهيل طرفان داخل ڪيل طلاق جي دعويٰ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي محسن پنهنجي زال جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته فاطمه سهيل جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي.اداڪار محسن عباس پنهنجي موقف ۾ چيو ته ايف آءِ آر ۽ طلاق جي دعويٰ جو موقف هڪ ئي آهي. اداڪار موجب طلاق جي دعويٰ فاطمه سهيل جي بيمار ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي هو مون کي شوبز ۾ بدنام ڪرڻ چاهي ٿي.محسن عباس پنهنجي جواب واري دعويٰ ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي زال کي شادي جي پهرين ڏينهن کان خرچ ڏئي رهيو آهي. جدا ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ به آن لائن رقم ٽرانسفر ڪئي جنهن جون رسيدون موجود آهن. جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين کي 26 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *