پي سي بي جو ٿوروائتو آهيان ، نئين ٽيم مئنيجمينٽ کي مايوس نه ڪندس : عمر اڪمل

 

لاهور (اسپورٽس نيوز)  قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته ماضي کي وساري چڪو آهيان هاڻ منهنجو ڌيان ايندڙ ميچن تي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽريننگ ڪيمپ ۾ گھرائڻ مون لاءِ هڪ نئين شروعات آهي، ماضي بابت ناهيان سوچي رهيو پر سڀ ڪجهه وساري ڌيان ايندڙ ميچز تي رکي رهيو آهيان. هاڻ ڪوچنگ جو عملو به نئون آحي ۽ آئون پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿو جن هڪ ڀيرو وري مون تي اعتماد ڪيو.سندس چوڻ هو ته آئون نئين ٽيم مئنيجمينٽ کي مايوس نه ڪندس ۽ سخت محنت ڪري پاڪستان لاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.ڪوڪابورا بابت پچيل سوال جي جواب ۾ عمر اڪمل چيو ته اهو تمام سٺو فيصلو آحي، ڪوڪابورا جو بال اسان جي هوم سيريز ۽ انٽرنيشنل ميچن ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ان بال جي استعمال سان بيٽسمين ۽ بالر ٻنهي کي فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *