واني ڪپور به سارا علي ۽ جهانوي ڪپور سان مقابلي لاءِ ميدان تي لهي آئي

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا واني ڪپور به پاڻکي سارا علي ۽ جهانوي ڪپور سان مقابلي جي ميدان تي لاهي ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته سارا علي خان ۽ جهانوي ڪپور کان ڊنل ناهيان، بالي ووڊ انڊسٽري ۾ هاڻي اسان ٽنهي وچ۾ مقابلو آهي. واني ڪپور جي بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ انٽري 2013 ع ۾ ٿي چڪي آهي جڏهن ته هو گذريل 6 سالن دوران رڳوٻن فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري سگهي آهي جنهن مان به کيس رڳو سشانت سنگهه سان فلم شڌ ديسي رومانس ۾ ڪاميابي نصيب ٿي جڏهن ته سندس فلم بي فڪر ڏسندڙن ۾ سٺو تاثر نه ڇڏي سگهي. ان فلم ۾ هو رنوير سنگهه جي هيروئن بڻي هئي، واني ڪپور هاڻي نئين فلم وار ۾ ٻن ڀلوڙ اداڪارن ريٿڪ روشن ۽ ٽائيگر شروف سان گڏ اچي رهي آهي. وار ايندڙ مهيني 2 آڪٽوبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ان حوالي سان واني ڪپور جو چوڻ آهي ته منهنجي نئين فلم ”وار“ ڪاميابي جا نوان در کوليندي، ريٿڪ روشن ۽ ٽائيگر شروف سان گڏ ڪم ڪري مزو آيو . هن چيو ته وار ۾ ڪم ڪرڻ مون لاءِ وڏو چيلينج هو ڇاڪاڻ ته سڌارٿ آنند سخت هدايتڪار آهي انڪري سکڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته سارا ۽ جهانوي جو مستقبل روشن آهي، اسان ٽنهي کي خانداني مدد به مليل آهي، مقابلو ڪرڻ ۾ زبردست مزو ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *