سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي: ظهير عباس

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ظهير عباس چيو آهي ته سرفراز احمد کي صرف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي جو ڪپتان بنائڻ جو فيصلو درست آهي. سرفراز کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته  موجوده دور ۾ ٽنهي فارميٽ جي ڪپتاني مشڪل آهي. سرفراز احمد جي جڳهه تي بابر اعظم کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتاني ڏني وڃي. هن چيو ته مصباح الحق جي ٻٽي ذميواري ان جي اختيارن کي نقصان ڏيڻ جي برابر آهي.مصباح هڪ طرف بورڊ جو چيئرمين بڻجي ويو آهي  مصباح کي ٽن سالن تائين ذميواري ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. عهدن  جو ٽائيم پيرڊ 2 سال هجڻ گهرجي. ڪارڪردگي جي بنياد تي مدي ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي ته ان ۾ ڪوبه مسئلو ناهي.ظهير عباس چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان جلد رٽائرمينٽ تي پي سي بي سخت قانون ٺاهيا. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي فيس ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙن جي حوصله افزائي ٿي سگهي. نئين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سسٽ مان اميد آهي ته بهتر نتيجا نڪرندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *