ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ جي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نيود مختيار کي دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نيود مختيار وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر، سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه شريڪ ٿيو. ذريعن موجب ملاقات دوران ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ رينجرز جي ٽارگيٽيڊ آپريشن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهيءَ موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ، ڪرپشن ۽ لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *