علم جي نالي تي جهالت، تعصب ۽ قتل و غارت گيري علم ناهي: پرويز رشيد

لاهور(م.د) وفاقي وزير اطلاعات پرويز رشيد چيو آهي ته الله جي راهه ۾ ڏنل رقم سان دوا يا بم خريد ڪيو وڃي اهو فرق رکڻ ضروري آهي، علم جي نالي تي جهالت، تعصب ۽ قتل و غارت گيري علم ناهي، فلاحي اداري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته قيامت جي ڏينهن هر ماڻهو پنهنجي چندي جو حصاب به ڏيڻو پوندو، عوام جي فلاح و بهبود جي ڪم ۾ مصروف ماڻهو قابل تعريف آهن، چندي جي صورت ۾ ملندڙ رقم جان بچائڻ واري اداري کي ملڻ گهرجي، عطيي جي رقم خودڪش جيڪيٽ ۾ استعمال ٿي ته الله کي جواب ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *