حڪومت ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀئي شعبا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي اينگرو فرٽيلائزر جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. اينگرو فرٽيلائزرز جي وفد وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ٽريڊرز ايسوسيئيشن ۽ واپاري برادري جي ميمبرن سان ود هولڊنگ ٽيڪس جي معاملي تي ڪامياب معاهدي تي مبارڪون ڏنيون. وفد وفاقي وزير کي اينگرو جي پيداواري منصوبي بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار ملڪ جي زرعي شعبي ۾ ڀاڻ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي اينگرو فرٽيلائزرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهوملڪي معيشت جو سڀ کان اهم شعبو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *