ڪورونا بابت ڪجهه به نٿا لڪائڻ چاهيون، احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي سگهي ٿوۡ: ظفر مرزا

اسلام آباد(م.ڊ)  وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا جي معاملي تي اسان ڪجهه به نٿا لڪائڻ چاهيون ۽ انگ اکر ان لاءِ ٻڌايا آهن ته جيئن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي ته ايندڙ ڏينهن دوران ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي ظفر مرزا چيو ته اسد عمر  جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن  ان تي اسان هر هفتي باقاعدگي سان گڏيل تحقيق ڪندا آهيون. اسان سوچيو ته ان کي عوام جي سامهون آندو وڃي ڇو ته اسان ڪجهه به لڪائڻ نٿا  چاهيون ته جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪي ايس او پيز ٺاهيا ويا آهن ان تي نه صرف عمل ٿيندو پر انتظامي طور تي به ان کي يقيني بنايو ويندو. ظفر مرزا چيو ته پنجاب ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ته ٿي رهيو هو پر جهڙو ٿيڻ گهرجي ائين نه ٿيو ته ان ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي. ان ڪري پنجاب ۾ جيڪي وڏي آبادي وارا علائقا آهن انهن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪنداسين. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي سگهي ٿو پر ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن شهر کي ڪورونا مريضن جي پنهنجي شهر جي اسپتال ۾ بيڊ نه مليو ته ضرورت پوڻ تي کيس ٻئي شهر جي اسپتالن ۾ منتقل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جون جي آخر تائين آڪسجينيڊ بيڊز جي سهوليت ڏينداسين ۽ جولاءِ ۾ ان کان وڌيڪ ٺاهينداسين. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو هو ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 لک تائين پهچي سگهي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *