خانگي ٽي وي جي رپورٽ ولي خان بابر جو قاتل گرفتار، قاتل کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو : ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايڊيشنل آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته خانگي ٽي وي جي رپورٽر ولي خان بابر جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته هن گرفتاري تي پوليس ٽيم کي مبارڪون ڏجن ٿيون سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ولي خان بابت جي قاتل کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو هن چيو ته پ پ پ آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي ۽ اظهار جي آزادي کي هٿي ڏي ٿي هن چيو ته صحافي ولي خان بابر تي گولي هلائيندڙ اصل جوابدار قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته صحافين جي قتل تي سنڌ حڪومت خاموس نٿي ويهي سگهي ڇو ته صحافين جي حفاظت سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ پوليس هن ڪيس تي ڪم ڪري رهي هئي ۽ آخرڪار اصل قاتل گرفتار ڪيو ويو هن چيو ته وڏي وزير مرادعلي شاهه خاص طور تي پوليس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن سنڌ حڪومت صحافين برادري سان گڏ بيٺي آهي ۽ ان جي حقن لا3 تحفظ جي ڪوشش ڪندي رهندي ناصر حسين شاهه چيو ته وڏي وزير مرادعلي سآهه سنڌ پوليس ۽ اسپيشل انسويٽيگيشن يونٽ جي ڪارڪرگي کي ساراهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *