پنجاب سرڪار جو لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر علائقن کي ٻن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ جو اعلان

لاهور (م.ڊ) پنجاب سرڪار لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر علائقن کي ٻن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت کاتي جي وزير ياسمين راشد چيو آهي ته شاهدره، شاد باغ، هربنس پوره، گلبرگ ۽ اقبال ٽائون ۾ ڪجهه علائقا رات 12هين وڳي کان سيل ڪيا ويندا. هن چيو ته اهي علائقا گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويندا پر انهي وقت تائين انهن علائقن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ميڊيڪل اسٽورز کليل رهندا، صورتحال کي ڏسڻ کانپوءِ انهي علائقن کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. پنجاب جي صوبائي وزير چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب جوهر ٽائون جي علائقي ۾ 388 ۽ واپڊا ٽائون جي علائقي ۾ وڌيڪ 200 ڪيسز سامهون آيا آهن. هن چيو ته صوبي جي ٻين شهرن ۾ ڪورونا متاثر علائقن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ته وائرس کي بچي سگهجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *