ڪوبه مقدس ڳئون نه آهي، سڀني جو احتساب ڪرڻو پوندو: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪير مقدس ڳئون ناهي، ڪير آسمان تان ناهي لٿو، سڀني کي جواب ڏيڻو پوندو. لاهور ۾ ن ليگ ”شير جوان“ موومينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ان جو بنيادي مقصد نئين نسل ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ آهي، اسان نوجوانن کي اقبال جو شاهين بڻائينداسين، نوجوانن کي ڏسي لڳي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ آهي. هن چيو ته جڏهن ووٽ کي عزت ملندي آهي ته نوجوانن کي ليپ ٽاپ، وظيفا ملندا آهن، نوان اسڪول ۽ ڪاليج ٺهندا آهن، 22 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ زيرو ٿي ويندي آهي، ڊرون حملا ختم ٿي ويندا آهن ۽ دشمن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ پاڪستان هلي ايندو آهي، ووٽ کي عزت ناهي ملندي ته دهشتگردي ڪَر کڻندي آهي، عوام جي ڪير به سار ناهي لهندو، ڪشمير جو ڪيس هارائي ويندا آهيون، نئون قرض اٽي، کنڊ، بجلي ۽ گئس چورن جي کيسن ۾ هليو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف آئين، حلف جي پاسداري ۽ عدليه جي آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، آئين عوام جي حقن جو ڪتاب آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو ۽ ڇا نه ٿيندو ۽ ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي، آئين جو ڪتاب پڙهو پوءِ ڏسو ته نواز شريف جا مطالبا ڪهڙا آهن، نواز شريف جو هڪ به مطالبو آئين سان ٽڪراءُ ناهي، جيڪڏهن هڪ مطالبو به آئين جي ابتڙ هجي ته نواز شريف ۽ منهنجو ساٿ نه ڏيو. مريم نواز جنرل (ر) عاصم سليم باجوا کي مخاطب ٿيندي چيو ته قوم جا نوجوان توهان کان سوال ڪري رهيا آهن ته توهان وٽ کربن جي ملڪيت ڪٿان آئي، قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته نوڪري جو پيشو هجڻ باوجود سڄي دنيا ۾ ملڪيتون ڪيئن ٺهيون، جيڪڏهن 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ انتقام جهڙي احتساب سامهون پيش ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پاڪستان ۾ ڪير مقدس ڳئون ناهي، ڪير آسمان تان ناهي لٿو، سڀني کي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پرس ڪانفرنس ڪري عو ته هو اياز صادق جي ڳالهه ڪري ٿو جيتوڻيڪ اياز صادق پاڪ فوج جي ڳالهه ئي ناهي ڪئي هو ته جعلي حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ وفاقي وزير جي الزامن تي ڳالهه نٿا ڪريو جڏهن فرق سامهون ايندو ته پوءِ سوال اٿندا ان جو عمران خان حڪومت کي فائدو ٿيو آهي. کيس ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ سوٽ ڪري ٿو. اهڙو تاثر نه ملڻ گهرجي جو اوهان هڪ سياسي پارٽي جي پويان بيٺا آهيو فرق نه هئڻ گهرجي اها غلط روايت آهي ان سان عوام ۽ ادارن وچ ۾ وٿي وڌندي ان جي اصلاح ڪرڻ گهرجي ۽ پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *