سياسي مخالفن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ ادارن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو: بلاول زرداري

غذر (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان اين آر او ڏيڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، هٿ ٺوڪئي پاپا جون پيزا، مهانگي ترين پشاور بي آر ٽي، اٽي چور، کنڊ چور ۽ سلامي مشين سان اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيندڙن کي اين آر او ڏنو. گلگت بلتستان جي  ضلعي غذر ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام ۾ ويٺل هٿ ٺوڪيو سوچي رهيو آهي ته ڪارد تان بينظير جي تصوير هٽائي وڃي، هي سمجهي رهيو آهي ته ڪارڊ تان بينظير جي تصوير هٽائي ان کي ماڻهن جي دلين مان ڪڍي ڇڏيندو، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ پ پ جي منشور جو حصو آهي، گلگت بلتستان جون چونڊون کٽي هتان جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين، اسان عوام کي روزگار ڏينداسين، حق ڏيارينداسين، سنڌ ۾ مفت علاج ڪري سگهون ٿا ته هتي به ڪرائينداسين. هن چيو ته پاڪستان لاءِ سي پيڪ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو پر نالائق ۽ نااهل ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سي پيڪ ڇا آهي، پ پ حڪومت ۾ هجي ها ته سي پيڪ سان گلگت بلتستان کي فائدو ٿئي ها، عمران خان چئي ٿو ته سي پيڪ تي ڪم ڪنداسين پر هن ڪو ڪم نه ڪيو، عوام توهان جي دوکي ۾ نه ايندو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت بيروزگار ۽ غربت وڌائي ڇڏي، حيران آهيان ته ملڪ جو وزيراعظم ڪيڏو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، وزيراعظم چوندو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، اهو نعرو اسان ڪڏهن کان ٻڌي رهيا آهيون، ڪرپشن ڪندڙن لاءِ هڪ قانون رڳو پ پ ٺاهي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *