سنڌ سرڪار صوبي ۾ مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بجلي، تيل ۽ گئس مهانگي ٿيڻ بعد عام واهپي جِي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، صوبائي حڪومت يا مقامي انتظاميا اُن تي ڪارروائي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ آءِ جِي سنڌ جَي مبينا اغوا وارَي واقعي بابت صوبائي وزير چيو ته آرمي چيف جِي هدايت تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي، معاملي جِي جاچ ڪري رهيو آهي، وزارتي ڪميٽي طرفان به جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪميٽي ۾ ٿيل ڳالهين کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي، اُم رباب رباب ڀيڻ آهي، سندس عزت ڪريون ٿا، ميهڙ واقعي جَي ڪيس کي فريادي ڌُر پاڻ خراب ڪيو آهي، ڪيس ۾ سردار ۽ برهان چانڊيو کي غلط نموني نامزد ڪيو ويو، چاهيون ٿا ته متاثر ڌُر کي انصاف ملي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *