ڪوئي ڏاڍ ظلم سان ڪشميرين کي آزادي واري منزل کان پري نه ٿو سگهي : فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد/لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳٺ جوڙ عوام جي مفاد لاءِ نه هو ۽ هاڻي بلاول کي نواز شريف بابت اصل حقيقت جي سمجهه اچي وئي آهي. مريم بيبي الائي ڇو ڪهڙي مصلحت جو شڪار آهي ان جو آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي ۽ جيڪي عوام جي ڏک سور لاءِ پريشان  هئا اهي نظر به نه پيا اچن ن ليگ ۾ هن وقت خاموشي ڇانيل آهي، انسان کي بيماري ٿئي ته ان جو علاج ٿئي ٿو پر اقتدار کان پري رهڻ جي بيماري لا علاج آهي پي  ٽي آءِ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو جي  والد صاحب جو نظريو ن ليگ کان مختلف آهي بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري الڳ الڳ پاليسي تي هلي رهيا آهن بلاول کي زرداري جعلي اڪائونٽس جا گر سيکاريا بلاول ۽ سندس والد صاحب نواز شريف جي حقيقت کي لڪائي رکيو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بلاول صاحب اسان ته آگاهه هياسين اوهان کي دير سان سمجهه ۾ آئي ڳٺ جوڙ عوام لاءِ نه پر پنهنجو مال پاڻي بچائڻ لاءِ هيو بلاول جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي اها ساراه جوڳي آهي پر ان تي اوهان کي پنهنجو والد صاحب دڙڪا ڏيندو. اها ڪهڙي ڳجهي بيماري آهي جنهن جو ڪوئي علاج ڊاڪٽر نه پيو ڳولي سگهي اسان کي خبر آهي ان بيماري جو نالو اقتدار کان پري رهڻ آهي.

بئي طرف  23 فيبروري ڪشمير جي عورتن جي مزاحمت جي ڏهاڙي جو ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو سڀ کان ڪارو ڏينهن آهي. ڪوئي ڏاڍ ظلم سان کين آزادي واري منزل کان پري نه ٿو سگهي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارتي فوج بيگناهه ۽ لاچار بي يارومددگار عورتن جي اجتماعي بي حرمتي جو خوفناڪ مثال قائم ڪيو هن چيو ته بهادر ڪشميري عورتن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مزاحمت جي عظيم تاريخ لکي آهي هن چي وته ڪشمير جي انهن نياڻين کي سلام پيش ڪيون ٿا جن پنهنجن مڙسن کي ڪشمير جي آزادي تي قربان ڪري ڇڏيو هن چيو ته انهن امڙين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا جن پنهنجا ٻڄا قربان ڪري ڇڏيا. هن چيو ته انڊيا ۾ اقليتن جي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شاهين باغ جو احتجاج 60 ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي هزارين عورتون مودي جي ڪاري قانون جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *