اسان خوش نصيب آهيون جو اهڙو وزيراعظم مليو جنهن جو صحت جي شعبي تي ڌيان آهي: ڊاڪٽر عارف علوي

لاهور (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جيترو تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ان ۾ وڏي تبديلي صحت جي شعبي ۾ ٿي رهي آهي اسان خوشنصيب آهيون جو اسان کي اهڙو وزيراعظم مليو جنهن جو صحت شعبي تي خاص ڌيان آهي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هيلٿ پروفيشنلز کي بهترين تعليم ڏئي ٻاهر موڪلڻ جي غلطي ڪئي وئي هاڻي هي سودو پاڪستان کي منظور ناهي حڪومت ۽ معاشري کي گهرجي ته هو ڊاڪٽرن لاءِ آساني پيدا ڪن ته جيئن عوام انهن جي خدمتن کان رهجي نه وڃي پاڪستان ۾ هيلٿ پروفيشنلز جي کوٽ جي ڪري ايندڙ 8 کان 10 سالن ۾ علاج ۾ ڏکيائي پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن جو سبب هيلٿ پروفيشنلز جي ڳچ تعداد جو تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ  پيشو ڇڏي وڃڻ آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان اقبال ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري سرور، وائيس چانسلر فاطمه جناح ميڊيڪل پروفيسر ڊاڪٽر عامل زمان خان سينڊيڪيٽ ۽ فيڪلٽي ميمبرن سميت شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. صدر وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هيلٿ پروفيشنلز ۾ اها ڪيفيت عام آهي ته ڇوڪريون ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هي پيشو اختيار نه ٿيون ڪن جيتوڻيڪ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙو وڌيڪ ڇوڪريون پوزيشن ماڻين ٿيون کين ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهو احساس هجڻ گهرجي ته انهن جي تعليم تي عوام جو پيسو لڳي ٿو ۽ پيشو اختيار نه ڪرڻ سان معاشرو انهن جي خدمتن کان رهجي وڃي ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته علاج کان احتياط بهتر آهي جيڪي قومون علاج جا خرچ برداشت نه ٿيون ڪري سگهن انهن کي وڌ ۾ وڌ احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته بيماري ۾ مريض جو تمام گهڻو ڪردار هوندو آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر عامر زمان خان آجياڻو ڏيندي چيو ته فاطمه جناح ميڊيڪل يونيورسٽي هن وقت تائين 11500 گريجوئيٽس پيدا ڪري چڪي آهي جنهن ۾ پرڏيهي شاگرد به شامل آهن هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين پراڻي جڳهه تي قائم آهي جنهن جي ٻئي ڪئمپس لاءِ جڳهه جي ضر5ورت آهي تقريب کي پنجاب جي گورنر به خطاب ڪيو ان موقعي تي 300 کان وڌيڪ گريجوئيٽس ۾ ڊگريون ورهايون ويون  صدر پوزيشن ماڻيندڙن ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ به ورهايا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي رائل پام ڪنٽري ڪلب ۾ پنهنجن دوستن سان گڏ گالف کيڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *