پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ طالبان ڳالهين تي راضي ٿيا: شاهه محمود قريشي

ملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ طالبان ڳالهين تي راضي ٿيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محومد قريشي چيو ته ڏيڍ ورهين تائين پاڪستان خاموشي سان طالبان کي راضي ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهيو، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پاڪستان رابطيڪار ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ طالبان ڳالهين تي راضي ٿيا، صدر ٽرمپ ۽ دنيا کي راضي ڪيو ته افغان مسئلي جو پرامن حل ئي ممڪن آهي. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ طالبان کي خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه قوتون امن ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهن ٿيون ان ڪري ڌريون خبردار رهن. ڪشمير مسئلي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومن جي فورم تي وزير اعظم عمران خان ۽ مون ڪشمير جي مسئلي کي اجاڳر ڪيو جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪرٽري سان به ڪشمير تي کليل نموني ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير بابت اسان جي پرڏيهي پاليسي جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جون تنظيمون اڄ ڪشمير تي ڳالهيون ڪري رهيون آهن. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته جنيوا ۾ ٿيل اجلاس ۾ به ڪشمير بابت ڀرپور موقف پيش ڪنداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *