ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا شهيد، 23 زخمي

ڪوئيٽا  (اين اين آءِ) ڪوئيٽا جي علائقي نيو سرياب ۾ پوليس جي ٽرڪ تي آپگھاتي ڪار بم حملي جي نتجي ۾ پوليس اهلڪار سميت ست ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا . سيڪيورٽي فورسز موجب اربع جي ڏينهن  صبح ساڍي 8 وڳي ڪوئيٽا  جي علائقي نيو سرياب ۾ سبي روڊ تي درخشآن فاٽڪ جي ويجھو  قاسم لائين کان ڪوئيٽا شهر ويندڙ پوليس جي ٽرڪ سان آپگھاتي  حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار ۽ وڌيڪ ٻه واٽهڙو فوت  جڏهن ته عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بم ڊسپوز ل اسڪواڊ موجب ڌماڪو آپگھاتي هيو. حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل ڪرولا ڪار ٽرڪ سان ٽڪرائي. ڌماڪي ۾ سئو ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيوويو.  جنهن کانپوءِ ٽرڪ ۾ باهه ڀڙڪي وئي . واقعي کانپوءِ ايف سي پوليس ۽ ريسڪيو اختيار موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمن کي سول استپال ڪوئيٽا پهچايو. سول اسپتال جي ترجمان ٻڌايو ته  ڌماڪي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن سميت ستن شهيدن ۽ 10 زخمين کي سول اسپال ڪوئيٽآ پهچايو جتي 10 زخمين جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ  ماڻهن ۾ محمد نواز، غوٿ بخش فضل محمد، محمد يونس ، خديجا علي، محمد علي، عبدالحميد ، عرفان ڌ، شڪيل ۽ ٻيا شامل آهن.  سيڪيورٽي فورسز واقعي واري جاءَ کان شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ علائقي ۾ سرچ اپريشن  شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  صدر مملڪت ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر جاويد مرتضيٰ عباسي، پ پ پ پارليامينٽرين صدر آصف علي زرداري، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت ڪندي فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيانن ۾ سندن چوڻ هو ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *