حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي، نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي پيڪيج جو جائزو ورتو ويو ۽ فنڊز هلندڙ مهيني جاري ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم نومبر ۾ حيدرآباد يونيورسٽي جو بنياد به رکندو، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ڪي ايم سي جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي عدم تعاون جي شڪايت به ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هيو ته ڪراچي پاڪستان جو اقتصادي گادي واري هنڌ آهي، جنهن کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ اسان جو گڏيل هدف آهي، حڪومت ملڪ ۾ هر سطح جي چونڊيل جمهوري ادارن جو احترام ڪري ٿي، بلدياتي ادارن جو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت جو ڌيان ڇڪرايو ويندو، ڇو ته گڏيل جمهوريت ئي جمهوري استحڪام جي ضمانت آهي، حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ ريڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ سمورين جمهوري جمهوري قوتن کي پنهنجا اختلاف پاسي تي رکندي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل لازمي آهي، ملڪ جا سمورن مسئلن جو حل آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادسٽي ۾ آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي آئيني مدت جو احترام ضروري آهي، اجلاس ۾ ڪراچي جي امن کي هر قيمت تي يقيني بڻائي رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪيسن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي شڪايتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *