هزارين حياتيون ڳڙڪائيندڙ سيوهڻ-ڄامشورو روڊ تي موت جو رقص جاري، وڌيڪ 8 حياتيون ڳهي ويو

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) هزارين حياتيون ڳڙڪائيندڙ سيوهڻ-ڄامشورو روڊ تي موت جو رقص جاري، وڌيڪ 8 حياتيون ڳهي ويو, سيوهڻ ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ڊاٽسن ۾ هانءُ ڏاريندڙ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ٿي پيا. تفصيل موجب مسافر ڪوچ لاڙڪاڻي کان حيدرآباد کان وڃي رهي هئي ته سيوهڻ کان ڪجهه ڪلو ميٽر ٻاهر انڊس هاءِ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊاٽسن سان ٽڪرائجي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن لاش ۽ زخمين کي سيوهڻ جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اسپتال ٻاهران موجود ماڻهن کي رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *