ڪنري ڀرسان کوهه جي کوٽائيءَ دوران مٽيءَ جي ڀِڪ ڪرڻ سبب 3 پورهيت دٻجي ويا، 2 فوت

ڪُنري (رپورٽر) ڪنري ڀرسان کوهه جي کوٽائيءَ دوران مٽيءَ جي ڀِڪ ڪرڻ سبب 3 پورهيت دٻجي ويا. ڳوٺ حاصل خان رند ۾ ٽيوب ويل لاءِ کوهه جي کوٽائيءَ دوران اوچتو مٽيءَ جي ڀِڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پورهيت جلال رند، اڪرم رند ۽ حاڪم رند دٻجي ويا. اطلاع تي ريسڪيون ٽيمون پهتيون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون. ريسڪيو آپريشن دوران اڪرم رند ۽ جلال رند کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي فوت ٿي ويا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڀِڪ هيٺان دٻجي ويل ٽئين پورهيت حاڪم رند کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *