رتوديرو ڀرسان ڪارنهن معامري تان هڪ ڄڻو قتل، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

رتوديرو(رپورٽر)رتوديرو ڀرسان ڪارنهن معامري تان هڪ ڄڻو قتل، سئوٽ جي عيوض ۾ چانڊڪا اسپتال جو سرڪاري ملازم 47 ورهين جي امداد علي ابڙو کي هٿياربندن گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ويو،
ميهر ٻرڙو لاڙي وٽ تاڙ ۾ ويٺل اڻڄاتل هٿياربندن 47 ورهين جي امداد علي ابڙو مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، صحت کاتي جي ملازم جو لاش پوسٽ مارٽم رپورٽ جي هڪ ايڪسري لاء ٽن شهرن ۾ گهمايو ويو پر پوء به ايڪسرو سرڪاري نه ٿي سگهيو، تعلقه اسپتال انتظاميه چيو ته مقتول جي دماغ جو ايڪسري ٿيندو اسان وٽ سهولت نه آھي ڳڙهي خدابخش کڻي وڃو، ڳڙهي خدابخش وارن لاڙڪاڻي ريفر ڪيو، وارث، رپورٽ موجب رتوديرو ڀرسان ڳوٺ علڻ خان ڪوڏراڻي جو رهواسي چانڊڪا اسپتال جو سرڪاري ملازم امداد علي ابڙو ولد غلام حسين ابڙو آچر واري ڏينهن موڪل ملهائڻ لاء چنگچي رڪشا ۾ ڳوٺ وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل اڻڄاتل هٿياربندن ميهر ٻرڙو لاڙي وٽ چنگچي رڪشا مان لاهي مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا گوليون لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، واقعي بعد هٿيار بند هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال آندو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته معاملو ڪارو ڪاري جي  پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، ڪجھ سال اڳ پنهنجي ذات طرفان امتياز علي ابڙو مٿان ڪارنهن جو الزام لڳايو هو جنهن بعد سئوٽ جي عيوض ۾ امداد علي کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان اهي به چوٻول هلي رهيا آھن ته مقتول جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان زمين جي معامري تان به تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٻئي پاسي صحت جي ملازم جي لاش جي به صحت کاتي پاران تذليل ڪئي وئي پوسٽ مارٽم لاء مقتول جي لاش کي ٽن سرڪاري اسپتالن ۾ نيو ويو پر پوء به پرائيويٽ ايڪسرو ڪرايو ويو، تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم دوران مٿي ۾ گوليون لڳل هئڻ ڪري دماغ جو ايڪسري ضروري ڪرائڻ لاء چيو ويو پر ڪروڙين روپيه بجيٽ رکندڙ تعلقه اسپتال ۾ ايڪسري جي سهولت به ميسر نه آهي ان ڪري مقتول جي لاش کي ايڪسري لاء تعلقه اسپتال انتظاميه پاران ڳڙهي خدابخش اسپتال ريفر ڪيو ويو، ڳڙهي خدابخش ۾ به ٻه ڪلاڪ جي انتظار بعد انتظاميه اهو چئي لاش لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ريفر ڪيو ته اسان وٽ اسپتال ۾ بجلي نه آھي، جڏهن مقتول جا وارث لاش کڻي لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال پهتا ته اتي جي انتظاميه به اهو چئي ڇڏيو ته اسان وٽ عوام جي وڏي رش آھي ڪافي ٽائيم لڳي سگهي ٿو جنهن بعد فوتي جي وارثن مقتول جي دماغ جو ايڪسرو هڪ پرائيٽ ليبارٽري تان ڪرايو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *