گمبٽ ڀرسان ملڪيتي تڪرار تان ڀاءُ سئوٽ سان گڏجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

گمبٽ (م.ڊ) گمبٽ ڀرسان ملڪيتي تڪرار تان ڀاءُ سئوٽ سان گڏجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڪليري ۾ ملڪيتي تڪرار تان ملڪيتي تڪرار تان 55 ورهين جي سردار علي ڪليري کي قتل فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهتي ۽ مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ملڪيتي تڪرار تان پيش آيو، سردار ڪليري کي سندس ڀاءُ ظفر ۽ سئوٽ اعجاز ڪليري فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *