ڪميشن بابت ميڊيا تي غلط رپورٽس هلي رهيون آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) جڊيشل ڪميشن، عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت سياسي جماعتن کان 5 مئي تائين شاهدن جي لسٽ طلب ڪري ورتي،جڏهن ته تحريڪ انصاف ڪميشن پاران پڇيل سوالنامي جي جواب ۾ شاهد پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جـُڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ سـُپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ ٿيو. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته ڪميشن بابت ميڊيا تي غلط رپورٽس هلي رهيون آهن ۽ ميڊيا جيتبصرن سبب ڪارروائي متاثر ٿي رهي آهي. جسٽس ناصر المـُلڪ چيو ته ميڊيا احتياط کان ڪم نه ورتو ته ڪميشن جي ڪارروائي اِن ڪئمرا هلائي ويندي. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به جماعت جواب داخل نه ڪرايو، ته به ڪميشن ڪم جاري رکندي، سوالنامو ڪميشن جي سهڪار لاءِ جاري ڪيو ويو. انکانپوءِ جڊيشل ڪميشن، پنج مئي تائين شاهدن جي لسٽ طلب ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس دوران پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ مهاجر قومي موومينٽ سوالنامي تي جواب پڻ جمع ڪرايا. مبينا ڌانڌلي جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ تحريڪ انصاف چيو آهي ته نون ليگ هر صورت ۾ چونڊون کٽڻ چاهي پئي جنهن لاءِ حڪمران جماعت ڌانڌلي لاءِ باقاعده سيل ٺاهيو. تحريڪ انصاف جي جواب ۾ چيو ويو ته 2013ع وارين عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي،جيڪو پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود هو. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڌانڌلي جي منصوبي تي عملدرآمد بابت نون ليگ جي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو هو. تحريڪ انصاف موجب مسلم ليگ نون جي منظم ڌانڌلي جي منصوبي ۾ ريٽرننگ آفيسرن هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، باقي جماعتون ۽ ماڻهو به ڌانڌلي ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا پر ڌانڌلي جو اصل منصوبو نون ليگ جو آهي. پي ٽي آءِ پاران جواب ۾ چيو ويو ته هــُو ڌانڌلي جي الزامن بابت 74 تڪن جو مواد جمع ڪرائي چـُڪا آهن،جــُڊيشل ڪميشن نجم سيٺي ۽ ان وقت جي چيف سيڪريٽري پنجاب کي طلب ڪري پـُڇاڻو ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف پنهنجي لکت واري جواب ۾ ڌانڌلين بابت شاهدين فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي ۽ موقف اختيار ڪيو ته هـُو امڪاني حد تائين ثبوت فراهم ڪري چـُڪا آهن، چونڊ رڪارڊ جي معائني واري رپورٽ ۽ خاص ٽيم جي نتيجن تي به ڀاڙي سگهبو. جماعت اسلامي پاران پنهنجي جواب ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ڪرائڻ جي اصل ذميواري اليڪشن ڪميشن جي هئي ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اختيار به ان جو ئي آهي پر اها ناڪام رهي. جماعت اسلامي جي جواب ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌانڌلي جو منصوبو ايم ڪيو ايم جوڙيو ۽ ان تي عملدرآمد به متحده ئي ڪرايو. جماعت اسلامي موجب پولنگ عملو ايم ڪيو ايم جي يونٽ ۽ سيڪٽر انچارج جي مرضيءَ سان مقرر ٿيو. جماعت اسلامي جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فاٽا ۾ ڌانڌلي واري منصوبي تي عملدرآمد خيبر پختونخواهه جي گورنر ڪرايو. مهاجر قومي موومينٽ پاران جمع ڪرايل جواب ۾ قومي اسيمبلي جي 11 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 16 سيٽن بابت ڌانڌليءَ جون شڪايتون ڪيون ويون آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *