قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ عدالت ان کي آئين جي ڪسوٽي تي پرکيندي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 18 ۽ 21 آئيني ترميم ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ عدالت ان کي آئين جي ڪسوٽي تي پرکي ٿي اسان ان علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن جو دروازو بند آهي وڪيل معاملي تي عدالت جي مدد ڪن جڏهن ته ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان پنهنجي دليلن ۾ چيو آهي ته عدالت رياست جو اهم ٿنڀ آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پي سي او جي تحت عدليه جا ڪافي اختيار کسيا ويا هئا اربع تي چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ 18هين آئيني ترميم بابت داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته عدالت رياست جو اهم ٿنڀ آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پي سي او جي تحت عدليه جا ڪافي اختيار کسيا ويا هئا جسٽس ثاقب نثار پڇا ڪئي ته ڇا اوهان جا سمورا دليل آئين جي بنيادي ڍانچي بابت آهن جڊيشل ڪميشن کي ججز مقرري جا اختيار ڏنا وڃن ته اهي به ادارن کان رپورٽون وٺي سگهن ٿا جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو ته اٽارني جنرل سميت ڪيترن ئي اعليٰ عهدن جي منظوري وزيراعظم ڏي ٿو ته پوءِ ججز مقرري ڪميٽي جي ڪهڙي ضرورت هئي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڪجهه معاملن تي آئين دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ان تي عدالت ڪجهه نٿي چئي سگهي. ان کان پوءِ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *