صدر ممنون جو پروفيسر وحيدالرحمان جي قتل جو نوٽيس، وزيراعليٰ سنڌ کان رپورٽ جي گهر

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين جامعه ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر وحيدالرحمان جي قتل جو نوٽيس وٺندي وزيراعليٰ سنڌ کان رپورٽ جي گهر ڪري ڇڏي.ايوان صدر جي ترجمان مطابق صدر ممنون  حسين وحيدالرحمان جي خاندان سان ڏک جو اظهار ڪيو، صدر ممنون حسين  پروفيسر وحيدالرحمان جي قاتلن جي ترت گرفتاري ۽ سندن انجام  تائين پڄائڻ جي هدايت ڪئي. صدر جو چوڻ هو ته حڪومت ڪراچي ۾ امن کي يقيني بڻائيندي، دهشتگردن  خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکندي ، هن ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *