ڪشمير ۾ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون دنيا جي سامهون آهن ته پوءِ دنيا چُپ ڇو ؟: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کان خاموشي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ والاريل ۽ ڄمون ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي قابض فوج طرفان گهيري کي 32هون ڏينهن آهي، ان ڪڙي ۾ ڀارتي فورسز پيلٽ گنز جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمير مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ۽ زخمي ٿيا. سندس چوڻ هو ته ڪشميري جوانن کي گهرن مان کنڀي ڀارت جي ٻين علائقن جي جيلن ۾ قيد ڪيو پيو وڃي، اسپتالن ۾ ضروري سامان ختم ٿي ويو آهي، گهربل شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته مواصلاتي بليڪ آئوٽ سبب ڪشميرين جو پنهنجي پيارن ۽ ٻاهرين دنيا سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، انهن جو آواز ٻاهر نٿو پهچي. هن وڌيڪ لکيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جون عالمي قانونن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون دنيا جي سامهون آهن ته پوءِ دنيا ڇو چُپ آهي؟ وزيراعظم عالمي برادري کان سوال ڪيو ته ڇا جڏهن مسلمانن تي ظلم ٿيندو آهي ته عالمي برادري جي انسانيت مري ويندي آهي؟ ان سان دنيا ۾ موجود 1.3 ارب مسلمانن کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ عمران خان چيو ته دنيا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کان اکيون ڦيري لاعلمي جو بهانو نٿو ڳولي سگهي، جيئن ان ميونخ جي معاملي تي 1938 ۾ ڪيو هو. هن چيو ته هندو بالادستي جي نظريي ۾ گانڌي فاشسٽ مودي سرڪار جا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، پاڻ ڀارت (آسام وغيره) ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي قتل عام ۽ نسل ڪشي جا مڪروهه ارادا سڄي دنيا ۾ وائکا ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *