هميشه زيادتيون پ پ جي حصي ۾ ڇو؟ پي ٽي آئي سرڪار کي ڪرپشن صرف سنڌ ۾ نظر اچي ٿيۡ: سعيد غني

اسلام آباد (اين اين آءِ) صوبائي وزير سعيد غني هڪ دفعو ٻيهر آصف علي زرداري سميت سنڌ جي اڳواڻن جا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي عدالتن جي ججز تي اعتبار نه آهي ته تالا لڳائي ڇڏيو ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جا مڙهه سنڌ موڪليا ويا خدا نه ڪري آصف زرداري خلاف اهڙي قسم جي سازش نه ڪئي وڃي مخالف ڌر کي ڀت سان لڳائي مدد جي اميد نه رکي وڃي پرويز خٽڪ، عليما خان، اسد قيصر ۽ ٻين جا ڪيس سنڌ منتقل ڪيا وڃن خميس تي هتي سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زيادتي هميشه پ پ پ جي حصي ۾ ڇو ٿي اچي جيتريون زيادتيون پيپلزپارٽِ سان ٿيون آهن ڪنهن سان ناهن ٿيون سعيد غني چيو ته ذوالفقارعلي ڀٽو جو ڪيس سيشن ڪورٽ بدران هاءِ ڪورٽ ۾ هليو ويو ڀٽو جو ڪيس دنيا جي تاريخ جو تڪراري ڪيس آهي هن چيو ته بينظير ڀٽو کي پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو هن چيو ته آصف زرداري جي ڪيسن جو تعلق سنڌ سان آهي پر ان جو ٽرائيل پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي ڇا پيغام ڏيڻ چاهين ٿا سنڌ جي احتساب عدالتن ۾ جج اسان نه اعليٰ عدالتن مقرر ڪيا آهن جيڪڏهن انهن ججن تي به اعتبار نه آهي ته پوءِ انهن عدالتن کي تالا هنيا وڃن سعيد غني چيو ته هڪ اهڙِ ماڻهو جي خلاف انقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي جيڪو هن ملڪ جو صدر رهيو آهي هن چيو ته آصف زرداري سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي اهو دهشتگردن سان به ناهي ڪيو ويندو هن چيو ته ڪلبوشن ۽ احسان الله احسان سان به اهڙو رويو ناهي جيڪو آصف زرداري سان ڪيو ويو آهي هن چيو ته حسنين مرزا جنهن جي خلاف نيب ۾ جاچ ٿي رهي آهي ان کي گرفتار نٿو وڃي وڃي فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا قرض معاف ڪرايا کين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي سعيد غني چيو تهمان سنڌ حڪومت پاران گهر ڪيان ٿو ته پرويز خٽڪ، عليما خان، اسد قصر ۽ ٻين جا ڪيس سنڌ ۾ منتقل ڪيا وڃن هن چيو ته پ پ پ جي خلاف انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن جو اها ميڊيا جي آزادي، پارليمان جي بالادستي لاءِ آواز اٿاري رهي آهي هن چيو ته فريال ٽالپر کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن آصف زرداري بلاول ڀٽو کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *