شاهد آفريدي پاڪ فضائيه جي شهيد عورت پائليٽ مريم مختار جي گهر پهچي ويو

 

 

ڪراچي(اسپورٽس  نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پاڪ فضائيه جي شهيد عورت پائليٽ مريم مختار جي گهر پچي ويو.سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي ٽوئيٽ ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بوم بوم آفريدي چيو ته 6 سيپٽمبر جي مناسبت سان شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ هو پاڪ فضائيه جي شهيد عورت پائليٽ مريم مختار جي گهر پهچي ويو.شاهد آفريدي پاڪ فضائيه جي شهيد عورت پائليٽ مريم مختار جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جي خدمتن کي ساراهيو، اڳوڻي ڪپتان ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا.آفريدي جو چوڻ هو ته شهيد مريم مختار جي گهروارن سان ملي سندن همت ۽ حوصلي جي ڪهاڻي ٻڌي تمام سٺو لڳو، شهيد مريم مختار کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *