ڪشمير ۽ پاڪستان کي ڪو به الڳ نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو هندستان جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي، ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان خلاف پراڪسي وار جِي اجازت نه ڏني ويندي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف چيو ته هـُو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي خواهش رکن ٿا پر ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان خلاف پراڪسي وار جي اجازت نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته دشمن دهشتگردي کي هوا ڏئي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيا آهن پر پاڪ فوج هر قسم جي سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، جنگي حڪمت عملي ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچي رهيون آهن. آرمي چيف جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت کان ئي ڪشمير مسئلو اڻپورو آهي، ڪشمير تڪرار ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، اهو تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي خواهش موجب حل ٿيڻ گهـُرجي. آرمي چيف چيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن خلاف ڪاميابين سبب شهري علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائين جو رستو صاف ٿيو جڏهن ته سياسي توڙي فوجي قيادت ۾ ويجهڙائي وڌي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *