سعودي متاثرين جي پڪار ڪڏهن ٻڌي ويندي؟؛سرواڻ چانڊيو

ملڪ هميشه پرڏيهي پاليسين جي ڪري ئي سڃاتا وڃن ٿا، ڪنهن به ملڪ جي مڪمل آزاد هجڻ جو اندازو ان جي پرڏيهي پاليسي مان ئي لڳايو وڃي ٿو ۽ حڪمرانن جي طاقتور هجڻ جو پتو به عالمي سطح تي ڪيل فيصلن مان پوي ٿو. ڪو دور هو جو عرب- اسرائيل جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان مشڪل فيصلو ڪرڻ جي گهڙي آئي ته ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو فوج جي عهديدارن کي گهرائي واضح ڪيو هو ته پاڪستان ان جنگ ۾ حصو ضرور وٺندو پر اڻ اعلانيل طور تي حصو وٺندو ۽ بغير سڃاڻپ جي فوجي جوان اتي وڃي ويڙهه ۾ حصو وٺندا ۽ ان وقت جي ايئرفورس جي پائيليٽن کي موڪل تي روانو ڪري غير سرڪاري طور تي سعودي عرب ڏانهن موڪليو ويو، جن اتي جنگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي انهن پائيليٽن تي واضح طور اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي هئي ته جيڪڏهن هو گرفتار ٿين ٿا ته پاڪستان جو نالو نه وٺندا ۽ پاڪستان انهن جي مڙهه جي لاءِ ڪنهن به عالمي فورم تي آواز نه اٿاريندو. اهو فيصلو هڪ جمهوري طور تي چونڊيل وزيراعظم جو هو، جنهن کي فوج پاران قبول ڪيو ويو ۽ ان تي لبيڪ چوندي پنهنجا آفيسر ٻاهرين ملڪ موڪليا ويا، جن عرب- اسرائيل جنگ ۾ حصو ورتو ۽ ان کانپوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عرب دنيا جي اڳواڻ طور سامهون آيو ۽ عربن کي ان ڳالهه جو باور ڪرايو ته هو طاقتور آهن ۽ وٽن تيل جي وڏي طاقت آهي، جنهن سان هو سڄي دنيا کي جهڪائي سگهن ٿا ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ان فيصلي کانپوءِ عرب دنيا پڻ سندس هر لاڏ برداشت ڪيو ۽ مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ سندس ساٿ ڏنو، جنهن ۾ شاهه فيصل، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، فيڊل ڪاسترو ۽ ٻيا سندس عظيم دوست هئا ۽ پوءِ عالمي دنيا انهن اڳواڻن کي هڪ هڪ ڪري منظر عام تان هٽائڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ شروعات شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان ڪئي وئي ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري سڀني کي منظر عام تان گم ڪيو ويو.

پوءِ وقت ڦيرو کاڌو ۽ صورتحال تبديل ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ پاڪستان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ ويڇا وڌڻ شروع ٿي ويا، جيڪي هاڻي ان نهج تي پهتا آهن جو هڪٻئي جي شهرين کي تذليل ڪري ملڪن مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ غير مسلم ملڪن جي افرادي قوت تي ڀاڙيو پيو وڃي.روزاني عبرت کي سدائين ان ڳالهه جو اعزاز حاصل رهيو آهي جو هن هر معاملي تي سڀ کان اڳ ۾ آواز اٿاريو آهي ۽ سعودي عرب ۾ جنهن وقت انساني المئي جنم ورتو ته ان وقت به صرف عبرت ئي آهي، جنهن ان سڄي تصوير کي قوم آڏو آندو آهي. يمن جنگ ۾ شموليت نه ڪرڻ بابت فيصلو جيتوڻيڪ حڪمرانن جو آهي پر ان جا نتيجا غريب طبقو ڀوڳي رهيو آهي. جيڪڏهن جنگ ۾ شموليت ڪئي وڃي ها ته بمن بارود وسيلي غريب عوام پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ها ۽ جڏهن هن جنگ ۾ شموليت بدران ٻنهي ملڪن کي ڳالهين وسيلي معاملو نبيرڻ جي صلاح ڏني ته هاڻي سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي خلاف ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي ۽ اتي پاڪستانين لاءِ جيئڻ عذاب ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڇا پر سڄي مسلمان دنيا جون ڀلاريون جايون سعودي عرب ۾ آهن ۽ اتي جي حڪمرانن جي انسان دوستي جا روپ آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن. اتي گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته ناهي ته هي سنڌي آهي، پنجابي يا پختون آهي پر جنهن به ذات سان آهي ۽ پاڪستاني آهي ته بنا ڪنهن سبب جي وجهه گلي ۾ هٿ ۽ هڻينس ترم ۾.عبرت کي پهتل انگن اکرن موجب هيستائين 10 هزار کان وڌيڪ قانوني طور تي ويل پاڪستانين کي سعودي عرب جي مختلف جيلن شميسي جيل، اشرافيا جيل سميت ٻين جيلن ۾ واڙيو ويو آهي. انهن جو ڏوهه صرف ايترو آهي ته انهن سعودي عرب ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن کي ان ڏوهه ۾ جيل ۾ وڌو ويو آهي. جڏهن ته روزانو ٻن هزارن تائين ماڻهن کي سعودي عرب مان لوڌي ڪڍيو پيو وڃي. پر حيرانگيءَ جي ڳالهه آهي ته حڪمرانن پنهنجين اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن، جن کي اها صورتحال نظر نٿي اچي ته هي هيترا ماڻهو ڇا جي لاءِ واپس اچي رهيا آهن يا انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي.ايئن به ناهي ته ڪو حڪمران ۽ پاڪستان جو پرڏيهي کاتو ان سڄي صورتحال کان لاعلم آهي. ڇو ته سوين ماڻهن عبرت جي خبرن کي بنياد بڻائي پرڏيهي آفيس ۾ درخواستون جمع ڪرايون آهن ۽ انهن واضح طور تي موقف اختيار ڪيو آهي ته جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن جو ڪو به ڏوهه نه آهي. اهي قانوني طور سعودي عرب ويل آهن، پوءِ انهن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي؟ جڏهن ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني قونصليٽ پڻ سعودي اختيارين جو ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي، بجاءِ متاثرين جي مدد جي قونصليٽ جا عملدار قانوني طور تي ويل پاڪستانين کي به ماٺ ميٺ ۾ ملڪ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن ۽ گرفتار پاڪستانين کي سعودي اختيارين جي فرمائش تي پاسون ٺاهي ملڪ بدر ڪرڻ جي عمل ۾ شامل بڻجي ويا آهن.فيصل آباد واسي ڪاشف، عبرت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ”حڪمران ڀلي اکيون پوري ڇڏين پر ميڊيا جون اکيون پوريل نه آهن،

اسين سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جن ان معاملي تي آواز اٿاريو آهي، ان ڳالهه جي ته اسان کي به خبر نه هئي پر عبرت وسيلي اسان کي پتو پيو آهي.“

شميسي جيل ۾ قيد هڪ خيبرپختونخوا واسي عبرت سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته نواز شريف جڏهن شاهه عبدالله جي تعزيت لاءِ سعودي آيو ته ڪيترن ئي پاڪستانين هن معاملي تي ساڻس ملاقات ڪري آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر نواز شريف پاڪستانين سان ملڻ بدران پنهنجي خمري ۾ اسٽيل مل جي دوري تي هليو ويو ۽ هن اهو انڪشاف به ڪيو ته ان مل ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ملازم آهن پر هڪ به پاڪستاني نه آهي، سڀ جا سڀ بنگالي ۽ ڀارتي آهن.

هاڻي جڏهن حڪمرانن جي اها صورتحال آهي جو هو ٻاهرين ملڪ صنعتون هڻي رهيا آهن ۽ مزدور وري ٻين ملڪن مان رکيا پيا وڃن ته پوءِ انهن مان چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ پوءِ ڀلي سعودي هجن يا ٻين ملڪن جون اختياريون، انهن کي بهانو ملي ويو آهي ته توهان تي ته توهان جا حڪمران ئي اعتماد نٿا ڪن ته پوءِ اسان ڪيئن ڪنداسين؟ ان سڄي صورتحال ۾ موجوده حڪمرانن جو وڏو هٿ آهي، جن معاملي کي هيستائين پهچايو آهي ۽ انهن ۾ سعودي اختيارين سان ڳالهائڻ جي به سگهه نه آهي.

حيرت حڪمرانن تي نه آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مخالف ڌر جي به ڪا پارٽي ان معاملي تي چپ چورڻ لاءِ تيار نه آهي. پيپلز پارٽي جنهن ۾ پورهيت طبقي جا حامي وڏي انگ ۾ موجود آهن، ميان رضا رباني جيڪو هينئر سينيٽ چيئرمين آهي ۽ پورهيت جدوجهد ۾ سندس وڏو ڪردار آهي پر اهو به عهدو ملڻ کانپوءِ هاڻي لڳي ٿو ته حڪمراني رنگ ۾ رنڱجي ويو آهي ۽ کيس هاڻي ڪنهن سان به ڪو ڄڻ واسطو ئي ناهي رکڻو. عمران خان جيڪو عوام کي انصاف ڏيارڻ هليو آهي، اهو يمن جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت جي خلاف هو سو به خاموش آهي ۽ هڪ اکر به ناهي ڳالهايو. جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ عوامي نيشنل پارٽي جنهن جي جهنڊي جو رنگ پورهيتن جي جدوجهد جي جهنڊي جهڙو آهي، اها پارٽي به خاموش آهي ڄڻ ته ڪجهه ٿي ئي نه رهيو آهي ۽ جيئن پاڪستان ۾ حڪمران چوندا آهن، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ سعودي ۾ به انهي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي وانگر صورتحال بهتر آهي ۽ پاڪستاني پورهيت اتي کير ۽ ماکي جي ندين مان ڀرپور نموني سان لاڀ پرائي رهيا آهن ۽ اتان جا حڪمران انهن جي لاءِ تمام گهڻا پريشان آهن.

وقت ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ ناهي ڪڍندو ۽ پنهنجي رمز سان هلندي گذري ويندو آهي ۽ هي وقت به گذري ويندو پر جيڪي تاريخ ۾ اهڃاڻ ڇڏي ويندو اهي داغ شايد ڪڏهن به لهي نه سگهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو بحران حڪمرانن جي ڪن لاٽار جي ڪري ايترو وڌي وڃي جو سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ نه آڻي ڇڏي؛ ان جي لاءِ حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ صورتحال کي سنڀالڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *