پاڪستان ۽ چين خطي ۾ امن کي فروغ ڏئي رهيا آهن: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو/اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين “آئرن برادرز” آهن جيڪي خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتر مستقبل لاءِ گڏيل ويزن سان هر شعبي ۾ ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. هو ڪالهه اربع ڏينهن پاڪ چين ٿنڪ ٽينڪ براءِ پاڪ چين اقتصادي راهداري ريسرچ ڊولپمينٽ انٽرنيشنل (آر ڊي آءِ) جي وفد سان ملاقات جي دوران ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آر ڊي آءِ جي قيام جي آجيان ڪئي جنهن ۾ چين جا مشهور اسڪالر، اهم شخصيتون ۽ سنڪيانگ جا مشهور واپاري شامل آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف چين جي صدر شي چن پنگ جي تازي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو “هڪ بيلٽ هڪ روڊ منصوبو” جو بنيادي منصوبو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي هڪجهڙو فائدو ٿيندو. چين جي صدر جي موجودگي ۾ 50 کان وڌيڪ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون جيڪي پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن لاءِ تاريخي موقعا فراهم ڪندا. وزيراعظم محمد نواز شريف يانگ زي دريا ۾ بحري جهاز جي افسوسناڪ واقعي تي چيني قيادت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد پاڪ چين اقتصادي راهداري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ تاريخي اتفاق راءِ تي وزيراعظم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سمورين سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي، وزيراعظم چيو ته اقتصادي راهداري منصوبن جي نگراني ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته آر ڊي آءِ چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور قائم ڪرڻ چاهي ٿي. هي هڪ ون ونڊو آپريشن ٿيندو جتي سموري ضروري معلومات فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني عملدار هر سال سنڪيانگ ۾ ڪرامي شهر ۾ سي پي اي سي فورم جو اجلاس منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، وفد وزيراعظم کي ڪرامي جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن هو خصوصي اقتصادي زون کي ڏسي سگهي، وفد ماهيگيري ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد چين جي نيم خودمختيار مسلم اڪثريتي خطي سنڪيانگ جي چوٽي جي چيني اڳواڻ زانگ چن زيان پاران نيڪ تنمائون وزيراعظم تائين پهچايون، وفد ۾ منصوبابندي وارو اڳوڻو وزير ۽ پاڪ چين جوائنٽ ٿنڪ ٽينڪ اون سي پي اي سي جو شريڪ چيئرپرسن ڊاڪٽر بلگي زو، ڪرامي شهر جو ميئر هانگ يان زانگ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف نيشنل اسٽريٽجي جو پروفيسر يز هو وانگ، ڪرامي سٽي جو پرڏيهي معاملن وارو ڊائريڪٽر زي ڪيانگ زانگ، ريڊ ڪراس سوسائٽي جي ڪيانگ جن چن، ايسوسيئيٽ پروفيسر زي في لي، واءِ اي ايم اي گروپ جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چن گين سميت ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير سن وي ڊونگ به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *