ڪشمير مسئلو تقريرن سان حل نه ٿيندو، مسئلي جي حل لاءِ حڪومت سان گڏ آهيون: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڀارتي حڪومت پاران ڪشمير ۾ تاريخ جو طويل ترين ڪرفيو لاڳو آھي جيڪو انساني حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آھي ۽ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي ادارن جي ضمير کي بيدار ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. اھا ڳالھھ ھن ڪمشنر ڪراچيءَ جي اھتمام ھيٺ پيپلز چورنگيءَ کان مزار قائد تائين ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ جو اظھار لاءِ ڪڍيل ريليءَ جي اڳواڻيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. ريليءِ ۾ صوبائي وزيرن، سعيد غني، مرتضيٰ وھاب، وقار مھدي، شھلا رضا، آءِ جي سنڌ، صوبائي سيڪريٽريز، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڀارتي حڪومت ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ ڪشمير جي ماڻھن جي تاريخي حقن  کان انڪار ڪندي نھ رڳو پنھنجي آئين ۾ ترميم ڪئي آھي بلڪھ ڪشمير کي ھڪ اھڙو ھنڌ بڻايو آھي جتي ماڻھن جي خراب حالت جو مشاھدو ڪرڻ لاءِ ڪنھن بھ شخص کي وڃڻ جي اجازت نھ آھي. ھن چيو تھ ڀارتي حڪومت ڪشمير ۾ دنيا جو سڀ کان طويل ترين ڪرفيو لاڳو ڪيو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪشميري عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسز، ريليون ۽ سيمينار ڪرائڻ گھرجن پر اسان کي سفارتي فورمن تي پڻ ڪجھھ ٺوس ڪوششون ڪرڻ گھرجن تھ جيئن ڀارت ڪشمير جي حيثيت بحال ڪري ۽ ڪشمير جي واديءَ مان ڪرفيو ھٽائي ۽ انساني حقن ۽ ميڊيا کي اتي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي مجبور ڪري سگھجي. وڏي وزير چيو تھ گڏيل قومن پاران رائي شماريءَ جو فيصلو ڪيو ويو ھو ان تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. سيد مراد علي شاھھ ڪشمير کي بين الاقوامي مسئلو بڻائڻ لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي ڪاوشن کي ياد ڪيو. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ تمام گذريل حڪومتن سنجيدا پاليسين سان ڪشمير مسئلي کي زندھ رکيو پر ھاڻوڪي حڪومت ان راھھ تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ تمام سياسي اختلاف ھڪ پاسي ڪندي اسانکي ڪشمير مسئلي تي ھڪ ٿيڻ گھرجي. ھن چيو تھ ڪشميري عوام کي ڀارتي حڪومت جي چنگل کان آزاد ڪرائڻو آھي. وڏي وزير چيو تھ ڪشمري ۾ ھلندڙ ظلم خطي جي امن لاءِ خطرو آھن، جيڪڏھن عالمي برادري علائقي ۾ امن چاھي ٿي تھ ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي ڏوھن جو نوٽس وٺڻ گھرجي ۽ اتان ڀارتي پوليس ۽ ھٿياربند فوج کي بيدخل ڪرائي ڪشميرين جي حقن جي بحاليءَ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. مراد علي شاھھ عالمي برادريءَ تي زور ڀريو تھ اھي ڪشمير جي مظلوم عوام جي آواز بڻجن. ھن ڪشميري عوام کي پڻ يقين ڏياريو تھ پاڪستاني عوام انھن سان گڏ آھي ۽ انھن جي جائز حقن لاءِ جدوجھد ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *