نااهل حڪومت کي ڪشميرين جا فيصلا ڪرڻ جو حق ناهي: پي ڊي ايم

مظفر آباد (اين اين آءِ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئون عمران خان کي سياستدان چوان ٿو ته اِهو مون کي خراب ٿو لڳي. مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيستائين پاڪستان ۾ عوام جي حڪومت هئي ڀارت کي همت نه هئي جو هو ڪشمير کي صوبو بڻائي، جيستائين آئون ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيس هندوستان کي جرئت نه ٿي، پر وري عمران خان جهڙو سياستدان آيو جنهن دعا ڪئي ته الله مودي کي ڪامياب ڪري ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، آئون عمران خان کي سياستدان ٿو چوان ته اِهو مون کي خراب ٿو لڳي. پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ ڌانڌلي جي حڪومت آهي، هن گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪرائي اسان ان کي نٿا مڃون، هن پاڪستان کي ڇا ڏنو جيڪو ڪشمير کي ڏينداسين، ڪشميريو جيڪڏهن توهان هنن جو ساٿ ڏنو ته هي اُهو ئي حشر ڪندا جيڪو پاڪستان جو ڪيو، هتي اُهي ئي ماڻهو ڌانڌلي حڪومت سان گڏ هئا جيڪي پهرين ڪنهن ٻي پارٽي جا ميمبر هئا، هن پهرين به پنهنجي وفاداري تبديل ڪئي، اُهو ووٽ جو حقدار ڪيئن هوندو، توهان ڪنهن طاقت کي اجازت نه ڏيو ته توهان فيصلا ڪيو، هڪ ناجائز حڪومت کي ڪشميرين جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آئون اڄ به سمجهان ٿو ته گلگت بلتستان هجي يا آزاد ڪشمير هجي ان جو ٻار ٻار پاڪستاني آهي پر عالمي حيثيت کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن گلگت بلتستان بڻايو وڃي ٿو ته اِهو 1949ع جي ٺهرائن جي خلاف آهي، توهان هنن کي روزگار مهيا ڪيو ڪنهن کي اعتراض ناهي ڪشمير مسئلي جي سياسي حيثيت کي تبديل ڪرڻ ڪشميرين سان غداري آهي. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سينيٽ اوپن بيلٽ جي حمايت جي لاءِ عمران خان جي وڏن جا فون پيا اچن پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو. مظفر آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته راجا فاروق حيدر چوي ٿو ته عمران خان جو نالو نه وٺو، ٻڌو آهي ڪوٽلي ۾ اڄ عمران خان اچي رهيو آهي، هو اڄ ڪشميرين جي لاءِ ڪهڙي پيغام پيو کڻي اچي؟ وزير اعظم کي ڊپ آهي ته ڪٿي ماڻهو سندس ڳچي نه پڪڙن، هڪ ته هونئن ويچارو هڪ جلسي جي وڃڻ جي لائق ناهي رهيو، ڪشمير ڪهڙي منهن سان ايندو. مريم نواز چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪي مفادن ۽ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان هڪ آهي، ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جنهن جو جواب عمران خان ۽ هن جي ايندڙن کي ڏيڻو پوندو، ڇو هڪ تابعدار بڻجي پاڪستان کي ٻاهرين ۽ اندرين محاذ تي ڪمزور ڪيو؟ پاڪستان ۾ چار ڀيرا آمراڻي حڪومت رهي آهي، ڪنهن ڊڪٽيٽر جي دور ۾ ڀارت کي همت ناهي ٿي جو ڪشمير پنهنجي نالي ڪري سگهي، عمران خان جواب ڏئي ته ڪشمير جي هٿان وڃڻ کان پوءِ به حڪومت بي وسي جي تصوير ڇو بڻي، ٻن منٽن جي خاموشي توهان جي مجرماڻي خاموشي آهي، عمران خان ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو، هن جي پرڏيهي پاليسي ڪاٿي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته اهڙي شخص کي ملڪ تي ڇو مڙهيو ويو جيڪو سليڪٽڊ آهي ۽ عوام کي جمهوري حڪومت کان ڇو محروم ڪيو، مودي جي ڪاميابي جون دعائون ڪنهن گهريون هيون، عمران خان چيو هو ته مودي ايندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، جڏهن ڪشمير کي توهان جي آواز جي ضرورت هئي ته جتي جي وزير اعظم خلاف غداري جي ڪيس ڪرائي رهيا هئا. مريم نواز چيو ته عمران خان عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي تي ڇو هڪ به ٺهراءُ منظور نه ڪرائي سگهيو، ووٽ چوري ذريعي ايندڙ حڪومت عوام کي جوابده ناهي هوندي، ڀارتي وزير اعظم اعلان لاهور تي چيو ته ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، نواز شريف کي وقت ملي ها ته اڄ ڪشمير آزاد هجي ها. ن ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته جڏهن عمران خان کان مخالف ڌر سنڀالي ناهي ويندي ته هو پنهنجي وڏن کي فون ڪري چوي ٿو ته ٿورو مخالف ڌر کي ٺپڪي هڻو، اڄ ڪلهه ن ليگ کي عمران خان جي وڏن طرفان فون پيا اچن ته توهان جي وڏي وزير ۽ توهان کي الله جو واسطو سينيٽ ۾ شو آف هينڊز جي قانون سازي جي لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏيو، ان تي مون ۽ نواز شريف جواب ڏنو ته اسان جون سينيٽ وڃن ٿيون ته ڀلي وڃن، هن ڪوڙي حڪومت سان گڏ ويهي ڪو ڪم ناهي ڪرڻو.مظفر آباد ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريڪٽڪ موومنٽ جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ دير سان پهچڻ تي معذرت ڪندي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن مودي کي جواب ڏيڻو آهي ۽ هارائڻو آهي ته پاڪستان ۾ سب کان پهرين جمهوريت قائم ڪرڻي پوندي جيئن عوام جو چونڊيل نمائندو ان جو جواب ڏئي سگهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽ ي۽ ڪشمير جو 3 نسلن جو ساٿ آهي، ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير جي آزادي لاءِ اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين ۽ بينظير ڀٽو چيو هو ته جتي ڪشميرين جو پگهر ڪِرندو اُتي اسان جو رت ڪِرندو. هن چيو ته اسان جي مٿان نالائق ۽ نااهل کي مڙهيو ويو آهي ۽ سليڪٽڊ حڪومت اڄ پاڪستان ۾ راڄ ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جتي ماضي ۾ اسان جي وزير اعظم ڪشمير جو آواز بلند ڪيو ۽ تاريخي بيان ڏنا ۽ اڄ جڏهن ڪٺ پتلي ويٺو آهي ته ڪشمير تي تاريخ جو بدترين حملو ٿيندو آهي ۽ اسان جي هٿ ٺوڪئي وزير اعظم جي بيان کي ياد رکيو وڃي. هن چيو ته هن قسم جو نالائق ۽ نااهل وزير اعظم نه رڳو پاڪستانين جي آزادي کي خطري ۾ ٿو وجهي پر هو هر ڪشميري جي آزادي کي به خطري ۾ ٿو وجهي، اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن مودي جي فاشزم ۽ غير جمهوري طريقي سان جواب ڏيڻو آهي ته فاشزم يا ڪنهن هٿ ٺوڪئي سان جواب نٿو ڏئي سگهجي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن مودي کي جواب ڏيڻو آهي ته جمهوري پاڪستان جواب ڏيندو، جيڪڏهن ڪير مودي کي بي نقاب ڪندو اُهو پاڪستان جو چونڊيل نمائندو ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان کي مودي کي هارائڻو آهي ته سڀ کان پهرين پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ڪرڻي پوندي، پاڪستان جو جمهوري وزير اعظم چونڊڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *