ڪشمير آتش فشان آهي، دنيا ۽ خطي لاءِ ايٽم بم ثابت ٿي سگهي ٿو: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته عمران خان چيو هو ته هو ڪشمير جو سفير بڻجندو، هي رڳو 5 فيبروري تي جلسو ڪندا آهن ۽ پوءِ سڄو سال خاموش رهندا آهن. يوم يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ حو ته موجوده حڪومت جي ليڊر ڪپتان ڪشمير جي معاملي تي سڄي قوم کي مايوس ڪيو. سراج الحق چيو ته ڪشمير هن وقت هڪ آتش فشان آهي جيڪو سڄي دنيا ۽ خطي جي لاءِ ايٽم بم ثابت ٿي سگهي ٿو، گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين تنظيمن جو فرض آهي ته دنيا کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ماڻهو هڪ نيلسن منڊيلا کي سڃاڻن ٿا پر ڪشمير ۾ هزارين نيلسن منڊيلا قيد آهن، هڪ سال کان 75 سالن جي پوڙهي تائين ڪشمير ۾ شهيد ٿيا، 18 هزار کان وڌيڪ نوجوان اڄ به جيلن ۾ قيد آهن، 73 سالن کان پوءِ به ڪشمير اڄ پاڪستانين ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *