ڪشمير تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: پاڪ فوج

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪشمير جي معاملي تي ڪڏهن به ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايل او سي تي سي ايم ايڇ مظفر آباد جو دورو ڪيو ۽ ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ شهرين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ڪشمير جي معاملي تي ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان وطن جي بچاءَ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون ۽ وطن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *